فقير محمد خان ٽالپر: فقير محمد خان ولد مراد خان ٽالپر، ڳوٺ مراد خان ٽالپر، تعلقي ٽنڊي باگي جو رهاڪو هو. قرآن شريف ۽ فارسي پڙهيل هو، سن 1260ھہ/1844ع ۾ ڄائو، هن کي راڳ ۽ ساز جو گهڻو شوق هوندو هو. ڦوھہ جوانيءَ کان ئي شعر چوڻ شروع ڪيائين. فقيرن سان گڏ يڪتاري تي ڳائيندو بہ هو. هن شاعريءَ جي ابتدا ۾ ’جمجمنا سلطان‘ ۽ ’پوري جو قصو‘ بيتن جي صورت ۾ جوڙيو ۽ ان کانپوءِ پنھنجن ٻن ڀائرن جي وفات جي صدمي سبب ڪافيون چوڻ لڳو. سندس اوطاق تي ڪچھري هلندي رهندي هئي. پير صاحب پاڳاري جو مريد هو. اميري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين ۽ عمر جي آخري ڏهاڙن م سائو ويس ڍڪيندو هو. سن 1352ھہ/1933ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام ننڍن ڪتابچن جي صورت ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب ’بيت‘ ۾، هن جا بيت ۽ لوڪ قصن واري ڪتاب ۾، هن جا جوڙيل عشقيہ داستان شامل ڪيل آهن.