
فقير محمد سنڌي
فقير محمد سنڌي: فقير محمد سنڌي ولد دين محمد 07 جنوري 1983ع تي نانو پڌر، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي ادب)، مولوي، عالم ۽ فاضل آهي. ان کانسواءِ 2001ع ۾ درس نظامي جو ڪورس بہ ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. پاڻ ‘نوجوان ادبي فورم، لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري، ’اياز ادبي اوطاق‘جو سيڪريٽري جنرل ۽ قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻي جو نگران آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي بہ ڪم ڪندورهيو آهي. هن لاڙڪاڻي مان مختلف وقتن تي مختلف رسالا بہ جاري ڪيا، جن مان ٻماهي ’قلمڪار‘، ماهوار ’سجاڳي‘ ۽’ارادو‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’وچن وفا جا‘ (شاعري: 2004ع)، ’جاني جيون جوڙ‘ (شاعري: 2008ع)، ’قلمڪار قوي‘ (گڏيل شاعري: 2009ع)، ’عظيم هستين جا عظيم قول‘ (ترتيب ۽ ترجمو)، ’ سنڌ جي تاريخ‘ (تحقيق: 2013ع)، ’ سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق‘ (جي. ايم رئيساڻي جي زندگي بابت: ترتيب – 2015ع)، ’ڳڻ جنھن جا ڳائن ماڻهو‘ (فن ۽ شخصيت-حفيظ کوهارو: 2015ع)، ’سونھن سمبارا‘ (ريڊيو اسڪرپٽ: 2016ع)، ’تاريخ جو منظر ۽ پس منظر‘ (تحقيق: 2020ع)، ’هر ڏينھن صليب تي‘ (ڪالم- 2024ع) ۽ ’ٻاراڻي ادب جو تجزيو‘ (نثر: 2024ع) شامل آهن.
1983.01.07 عيسوي
شاعر، اديب، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر فقير محمد سنڌي ولد دين محمد 07 جنوري 1983ع تي نانو پڌر، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.