فقير محمد سنڌي

فقير محمد سنڌي

فقير محمد سنڌي

فقير محمد سنڌي: شاعر، اديب، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر فقير محمد سنڌي ولد دين محمد 07 جنوري 1983ع تي نانو پڌر، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (سنڌي ادب)، مولوي، عالم ۽ فاضل آهي. ان کانسواءِ 2001ع ۾ درس نظامي جو ڪورس به ڪيل اٿس. شاعريءَ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. پاڻ ‘نوجوان ادبي فورم، لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري، ’اياز ادبي اوطاق‘ سنڌ جو سيڪريٽري جنرل، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻي جو نگران، روزاني ارادو اخبار لاڙڪاڻي جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ۽ ريڊيو پاڪستان، لاڙڪاڻي جو براڊڪاسٽر آهي. هن لاڙڪاڻي مان پنھنجي ادارت هيٺ مختلف وقتن تي مختلف رسالا به جاري ڪيا، جن مان ٻماهي ’قلمڪار‘، ماهوار ’سجاڳي‘ ۽ ماهوار ’ارادو‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’وچن وفا جا‘ (شاعري: 2004ع)، ’جاني جيون جوڙ‘ (شاعري: 2008ع)، ’قلمڪار قوي‘ (گڏيل شاعري: 2009ع)، ’عظيم هستين جا عظيم قول‘ (ترتيب ۽ ترجمو)، ’ سنڌ جي تاريخ‘ (تحقيق: 2013ع)، ’ سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق‘ (جي. ايم رئيساڻي جي زندگي بابت: ترتيب – 2015ع)، ’ڳڻ جنھن جا ڳائن ماڻهو‘ (فن ۽ شخصيت-حفيظ کوهارو: 2015ع)، ’سونھن سمبارا‘ (ريڊيو اسڪرپٽ: 2016ع)، ’تاريخ جو منظر ۽ پس منظر‘ (تحقيق: 2020ع)، ’هر ڏينھن صليب تي‘ (ڪالم- 2024ع) ۽ ’ٻاراڻي ادب جو تجزيو‘ (نثر: 2024ع) شامل آهن


لفظ فقير محمد سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.01.07  عيسوي

شاعر، اديب، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر فقير محمد سنڌي ولد دين محمد 07 جنوري 1983ع تي نانو پڌر، لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ليلارام سيتائي شاعر
سيد علي اڪبر شاهه ثاني
حميره نور
شبير هاتف
ادريس عاجز عباسي
عمر خيام
صوفي نيڀراج سوٽهڙ
ٺٽوي نيازي
احمد فراز
اظھر علي ٻانڀڻ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون