
فقير محمد لاشاري
فقير محمد لاشاري (صحافي): فقير محمد لاشاري 4 سيپٽمبر 1951ع تي ڳوٺ گاجي کھاوڙ، تعلقي وارھہ ۾ محمد حسن لاشاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد دڪانداري ڪندو ھو. ھن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1968ع ۾ وارھہ ھاءِ اسڪول مان ۽ بي. اي تائين لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ پڙھيو. ان کان پوءِ ايم اي ايڪانامڪس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1974ع ۾ ۽ ڪراچي لا ڪاليج مان 1979ع ۾ اي ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1972ع ۾ پرائمري استاد طور ڪئي. پنجن سالن تائين مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ کان پوءِ 1977ع ڌاري نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڪراچي ويو، جتي صحافت سان واڳجي ويو. شروع ۾ هلال پاڪستان اخبار ۽ مئگزين ۾ ڪم ڪيائين، ان دوران کيس هلال ورڪرز يونين جو صدر پڻ چونڊيو ويو. هلال پاڪستان ڇڏڻ کانپوءِ هو عوامي آواز جي سٿ ۾ شامل ٿيو. 1988ع ۾ روزاني عوامي آواز جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. سندس لکيل ايڊيٽوريل وقت جي حالتن، اُڀريل مسئلن ۽ حقيقت تي ٻڌل هوندا هئا. اڳتي ھلي پاڻ ’جاڳو‘ اخبار جاري ڪندڙن ۾ شامل رهيو. هن انهيءَ اخبار ۾ بہ مثالي ڪم ڪيو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’سگهارو هماليہ هيڻا ماڻهو‘، (نيپال جو سفرنامو) ’سنڌ جا سُور ۽ ڌرتيءَ جي دانھن‘ (مضمون)، ’ڇپر جا سُونهان‘ (شخصيت ۽ چونڊ)، ’رُڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ‘ (ٻہ ڀاڱا- چونڊ ايڊيٽوريل) ۽ ’سنڌ ڄام صادق علي کان پيپلزپارٽي تائين‘ شامل آهن. فقير محمد لاشاري پيپلز پارٽيءَ جي لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ويندي 17 جولاءِ 1993ع تي پنجاب ۾ ھڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو. کيس اتان کڻائي اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ دفن ڪيو ويو. صحافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن عيوض کيس 1995ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران ستارہ امتياز ڏنو ويو. سندس اولاد مان نياڻي نصرت لاشاري ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل آهي.
1951.09.04 عيسوي
فقير محمد لاشاري 4 سيپٽمبر 1951ع تي ڳوٺ گاجي کھاوڙ، تعلقي وارهه ۾ محمد حسن لاشاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.