فقير مهدي شاھہ جھانيان: مخدوم غلام مھدي شاھہ جھانيان المعروف فقير مھدي شاھہ جھانيان صوفي شاعر هو. سندس ولادت 5 ربيع الاول 1297ھہ/16 فيبروري 1880ع تي شاهپور جھانيان ڳوٺ، تعلقي موري ۾ سيد امام بخش شاھہ جي گهر ۾ ٿي. هو پنھنجي چئن ڀائرن کان ننڍو هو. سندس پرورش علمي ادبي ۽ فقيراڻي ماحول ۾ ٿي. شادي ناناڻي خاندان مان ڪيائين، جنھن مان کيس فقط هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جيڪو مخدوم سيد موج درياھہ شاھہ جھانيان المعروف فقير موج درياھہ سائين جي نالي سان مشھور آهي. فقير مھدي شاھہ دنيا ترڪ ڪري فقيري جامو ۽ لُنگ پھري، پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي، لڳ ڀڳ 30-40 سال جهر جهنگ ۽ جبل جهاڳيا ۽ ڪوٽڏيجي وٽ دونھيون دُکائي، ڪيترائي سال چلا ڪڍيا. سندس ڪيتريون ئي فضيلتون مختلف ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهن. هن 18 آڪٽوبر 1969ع تي وفات ڪئي. سندس ڪلام ’مھدي سائينءَ جو ڪلام‘ جي نالي سان سيف علي راجن المعروف پير مظفر الحق پاران مرتب ڪيل آهي. جنھن ۾ فقير مھدي شاھہ جي سوانح حيات سان گڏ هر شعر جي جدا جدا شرح ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏنل آهي.