
فقير ميانداد ’سيلاني‘
فقير ميانداد ’سيلاني‘: فقير ميانداد ’سيلاني‘ ولد دائم خان چانڊئي 1946ع ۾ ڳوٺ وانءُ ڍالو چانڊيو، تعلقي قاضي احمد، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو. هن رسمي تعليم فقط هڪ درجو پڙهيو. سندس والد سگهڙ ۽ شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو پارکو هو. هي ننڍپڻ کان پنھنجي والد سان گڏ سگهڙن جي ڪچھرين ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. هي ننڍي هوندي کان ئي سگهڙائپ ۽ لطيف شناسيءَ ڏانھن مائل ٿي بيت چوڻ ۽ پوءِ ٻي شاعري ڪرڻ لڳو. هن سنڌ جي ميدانن، جبلن، ريگستانن، درياهن، ڍنڍن ۽ سامونڊي علائقن کان سواءِ پنجاب، بلوچستان ۽ ايران جي سامونڊي بندرن تائين پيرين پنڌ سفر ڪيو. 1978ع کان سفر دوران سنڌ جي ثقافت متعلق کيس جيڪي بہ ثقافتي شيون مليون، اهي گڏ ڪري هڪ عجائب گهر قائم ڪيائين. اهو عجائب گهر قاضي احمد شھر کان 5 ڪلوميٽر اولھه طرف ڏيڙان روڊ تي ڪوٽ فقير ميانداد سيلاني اندر اڄ بہ موجود آهي. ان عجائب گهر ۾ هر ڌنڌي، پيشي جا پراڻا اوزار، جنگين جا آڳاٽا هٿيار، عورتن جا ڳَھه ڳٺا، آڳاٽي دور جا سِڪا، پئسا، پاوليون، ماپ ڪرڻ وغيرہ جا اوزار موجود آهن. اُتي شاھہ لطيف جي بيتن ۾ ڪتب آيل ڪيتريون ئي شيون بہ موجود آهن. تصوف، تاريخ، تھذيب، ثقافت ۽ لطيفيات تي مبني ناياب ڪتابن جي هڪ ننڍڙي لائبرري پڻ قائم ڪئي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’ڪُڇان سڙن ڪاف‘ ڇپجي چڪو آهي.’سگهڙ لوڪ ادب ويلفيئر ايسوسيئيشن (سلاوا) سنڌ‘ جي چيئرمئن طور مختلف پروگرام ڪرائيندو رهي ٿو. فقير ميانداد جا ٻہ پُٽ رضوان ۽ ڪامران راڳي آهن.