فقير مٺو لُنڊ: هي بزرگ ڪلهوڙن جي دؤر جي نامور بزرگ فقير يوسف لنڊ جَتي سَتيءَ جو سؤٽ هو. هن فقير بابت هڪ روايت آهي ته، فقير مٺي کي مجازي عشق لڳو، اتي ڪي اوڏ ذات وارا اوڏڪو ڪم ڪندا هئا. فقير مٺي جي انهن جي هڪ ڇوڪريءَ سان دل لڳي وئي. ترت اهي اوڏ عمرڪوٽ لڏي ويا. پويان فقير مٺي پنھنجن فقيرن کي چيو تہ مٽيءَ جو دڙو ٺاهيو، جيڪو هن وقت ’مٺي فقير جو ڍير‘ جي نالي سان مشھور آهي. فقير پاڻ بہ ان ڪم ۾ مشغول ٿيو. اچانڪ اتان عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو گذر ٿيو، جنھن کانئس حال احوال ورتو، جنھن تي فقير مٺي چيو تہ مون کي هتان عمرڪوٽ جو بتيون ڏسڻيون آهن، جنھن تي گرهوڙيءَ جواب ڏنو ته، فقير ڍير تان بہ ڪي بتيون ڏسبيون آهن ڇا؟ ائين گرهوڙي صاحب جو مٿس فقيري رنگ چڙهيو. چون ٿا تہ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اهي اوڏڪو ڪم ڪندڙ اوڏ بہ عمرڪوٽ کان واپس آيا ۽ فقير مٺي جي شادي بہ انھي ساڳي اوڏ ڇوڪريءَ سان ٿي. فقير مٺي لنڊ کي راضي فقير، باندي فقير، ماهي فقير، گاهي فقير، شاهي فقير، خاڪي فقير، سگهڙيو فقير ۽ شادي فقير نالي اٺ پُٽ هئا.