فقير ناٿو لُنڊ

فقير ناٿو لُنڊ

فقير ناٿو لنڊ

فقير ناٿو لُنڊ: فقير ناٿي جو جنم 7 جون 1926ع تي، فقير غلام حسين لُنڊ جي گهر، ڳوٺ شادمان لُنڊ، لڳ شيخاڻي گهاڙي ضلعي بدين ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم سيراڻيءَ مان حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کيس پوليس کاتي ۾ سپاهيءَ طور نوڪري ملي پر پنھنجي استاد محمد عُرس منڌري پاران منع ڪرڻ تي هِن اهو آرڊر نہ ورتو ۽ سندس ئي چوڻ تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. هي يوسف فقير لُنڊ جَتي سَتي جي درگاھہ جو سنڀاليندڙ ۽ گادي نشين رهيو. لطيفيات ۽ تاريخ بابت گهڻي ڄاڻ هيس. سندس اوطاق تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ۽ اديب اچي ڪچھريون ڪندا هئا. هو شاھہ لطيف جو وڏو پارکو ۽ ان جي ڪلام گمام گهڻو ياد هئس. مڃتا طور ثقافت کاتي طرفان کيس ’لطيف ايوارڊ‘ سان پڻ نوازيو ويو. دودي سومري جي قبر، فقير ناٿي ۽ شيخ سومار ڳولي ظاهر ڪئي هئي. 1999ع ۽ 2003ع واري ٻوڏ دؤران هن ايل. بي. او. ڊي جي، جاگرافيائي دليلن سان سخت مخالفت ڪئي، پر سندس مؤقف کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ويو. شاعريءَ ۾ ’احمد خان‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. فقير ناٿو لُنڊ وڏي عمر سبب آخري ڏينھن ۾ اکين جي نور کان محروم ٿي ويو هو. هن 28 جولاءِ 2020ع تي وفات ڪئي. کيس يوسف فقير جَتي سَتيءَ واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.06.07  عيسوي

فقير ناٿي جو جنم 7 جون 1926ع تي، فقير غلام حسين لُنڊ جي گھر، ڳوٺ شادمان لُنڊ، لڳ شيخاڻي گهاڙي ضلعي بدين ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ فريدالدين ’عطار‘
سليمت هاليپوٽو
پلي رحيم ڏنو
راءِ نوگهڻ
تعمير حسين
شبير ساگر
جامي شيخ احمد جام
چڪوري
حسينہ معين
قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون