فقير يار محمد پيرزادو: فقير يار محمد ولد شفيع محمد عرف جمن پيرزادي جو جنم 1927ع ڌاري ڳوٺ فيڊر، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ ٿيو. درياھہ جي چاڙھہ سبب ڳوٺ ٻڏڻ کان پوءِ ٻلهڙيجيءَ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ وڃي آباد ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائنل هئي. 1942ع ۾ ڳوٺ ٻُٽ ۾ معلم ٿيو. 1952ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ داروغو مقرر ٿيو، پر ڪجهہ عرصي کانپوءِ نوڪري ڇڏي، گوشي نشيني اختيار ڪيائين ۽ قلندر شھباز جو پانڌيئڙو بڻيو. جوانيءَ ۾ عشق جي چوٽ لڳس، جنھن جي فراق ۾ دنياداريءَ کي ڇڏي ڏنائين. ان کانپوءِ سندس لاڙو راڳ طرف ٿيو. وقت جي نامور بزرگ ۽ پنھنجي پڙناني سخي شاھہ جمال جي مزار تي متولي ٿي ويٺو ۽ راڳ رنگ جون محفلون رچائيندو رهيو. ڪيترائي فنڪار وٽس راڳ سکڻ لاءِ ايندا هئا. هن اولاد سان گڏ ڪراچيءَ لڏي وڃڻ کان پوءِ 23 جولاءِ 1998ع تي وفات ڪئي. فقيراڻي انداز ۾ شاھہ لطيف جا سمجهاڻين تي مشتمل سندس هڪ ڪتاب ’شاھہ لطيف جي شرح‘ سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي 1999ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.