فقير يوسف جَتي سَتي جو مقبرو

فقير يوسف جَتي سَتي جو مقبرو

فقير يوسف جتي ستي

فقير يوسف جَتي سَتي: ڪلهوڙن جي دؤر جو بزرگ فقير يوسف جَتي سَتي، ڪاڇي واري گاجي شاھہ جو خليفو هو ۽ ان کان فيض پرائي پوءِ اچي شيخاڻي گهاڙيءَ ۾ رهيو. ذات جو لُنڊ هو. روايت آهي تہ جڏهن بہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، شيخاڻي گهاڙيءَ واري پاسي ايندو هو تڏهن فقير يوسف کان ڀيرو ڪري اڳتي ويندو هو. شيخاڻي گهاڙي ضلعي بدين جي ڏاکڻي دنگ تي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ پراڻي وسندي آهي. شيخاني گهاڙي يا شيخ جو ڍورو اصل ۾ شيخ ذڪريا جي نالي سان منسوب آهي، جيڪو هتي جو رهاڪو هو. اڳتي هلي فقير يوسف شيخاڻي گهاڙيءَ کي الوداع چئي سيراڻيءَ جي ڏکڻ ۽ گهاڙيءَ جي اتر واري علائقي ۾ رهي پيو. فقير يوسف شيخاڻي گهاڙيءَ کي آباد ڪيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس مزار بہ اتي ئي موجود آهي. هن جو مقبرو ڪلهوڙا حڪمرانن جي مقبرن جهڙو آهي. ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي ته، سندس مقبرو ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو جوڙايل آهي. شيخاڻي گهاڙيءَ ۾ فقير يوسف لُنڊ جو اولاد آباد آهي، جن جا ٻہ ڳوٺ، بھادر خان لُنڊ ۽ شادمان خان لُنڊ جي نالن سان ديھه کڏي ۾ موجود آهن. هن درگاھہ جو گادي نشين ۽ شاھہ لطيف جي ڪلام جو پارکو فقير ناٿو لُنڊ تازو 28 جولاءِ 2020ع تي وفات ڪري ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو