فلڪيات

فلڪيات

فلڪيات

فلڪيات

فلڪيات

فلڪيات

فلڪيات

فلڪيات (Astronomy): قدرتي علمن (Natural Sciences) جي هڪ شاخ، جنھن ۾ چنڊ، سج، تارن، گرهن/سيارن ۽ ڪائنات بابت معلومات ڏني ويندي آهي ۽ فضا کان ٻاهر خلا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جو مشاهدو پڻ ڪيو ويندو آهي. هن علم وسيلي آسمان تي نظر ايندڙ سمورن جسمن جي شروعات، ارتقا، طبعي ۽ ڪيميائي خصوصيتن جو مطالعو بہ ڪيو ويندو آهي، فلڪيات جو علم جتي چنڊ، تارن ۽ گرهن بابت معلومات فراهم ڪري ٿو، اتي انھن سيارن ۽ ستارن تي موجود اهڙن ذرڙن جي بہ ڄاڻ ڏئي ٿو، جيڪي محض Telescope ذريعي ئي ڏسي سگهجن ٿا. جديد دور ۾ فلڪيات جي شعبي اندر وسيع دائري ۾ ٿيندڙ تحقيق ۽ ان جي نتيجن انساني دماغ لاءِ تجسس جو سامان مھيا ڪيو آهي. تازو ’ڪريوسٽي‘ نالي مشين، جڏهن مريخ تي پھتي تہ نت نوان مشاهدا سامھون آيا. اهو ئي سبب آهي جو علم فلڪيات ۾ دلچسپي رکندڙن کي نيون شيون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليون. قديم دور ۾ فلڪيات جو علم صرف سج، چنڊ ۽ ستارن تائين محدود هو. ان دور جا ماهر اڪثر انھن آسماني ستارن جي مشاهدن تي سڀئي پيشنگويون ڪندا هئا. تاريخ ۾ ڪيترين ئي تھذيبن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي انھن ستارن جي نہ صرف پوڄا ڪندا هئا، پر انھن آسماني ستارن جي نظام بابت ڪنھن حد تائين ڄاڻ بہ رکندا هئا. اهڙي ڄاڻ وسيلي هو پنھنجي مذهبي ڏڻ جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ موسمي تبديلين ۽ فصل پوکڻ لاءِ موسم، ڏينھن ۽ وقت جي چونڊ پڻ ڪندا هئا.
دوربين جي ايجاد کان پھرين، ستارن جو مطالعو ڪنھن مٿانھين جڳھہ تي بيھي ڪرڻ سان ئي ممڪن هوندو هو. اهڙا جائزا صرف اکين جي مدد سان ڪيا ويندا هئا. عربستان جو وڏو حصو واري ۽ ريتي آهي، جتي هر وقت هوا جي جهوٽي سان پيچرا بہ ڊهيو وڃن ۽ اهڙن بيابانن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ هنن کي تارن جي بيھڪ مان ئي مدد وٺڻي پوندي هئي/آهي تہ ڪھڙو اوڀر يا اولھه ۽ ڪھڙو اتر يا ڏکڻ آهي. عربستان ۾ سال جو وڏو حصو آسمان صاف هجڻ ڪري تارا چٽيءَ طرح نظر ايندا آهن، ان ڪري عرب، تارن جي معلومات ۽ چرپر کان تمام گهڻو واقف رهيا آهن. ڪيترن ئي عربن ڏوراهن تارن جي ڳولا ڪئي ۽ انھن جي جانچ لاءِ مختلف قسم جون دوربينيون ايجاد ڪيون. انھن جي چرپر جو حساب معلوم ڪرڻ لاءِ انگي حسابن (Maths) ۽ ٽرگنامينٽري جون جدولون ايجاد ڪيون. جن جا تجربا، لکيل ڪتاب ۽ مشاهدا اڄ بہ دنيا جا جهازي، جاگرافر ۽ فلڪيات جا ماهر استعمال ڪن ٿا. ڪيترا تارا ۽ ائسٽراناميءَ ۽ ٽرگنامينٽريءَ جا فارمولا، چنڊ تي ٺھيل گهٻ (Crater) عرب جي فلڪياتي ماهرن جي نالن سان منسوب آهن. چنڊ تي ٺھيل هڪ ٻن اهڙين گهٻن (Craters) جا نالا ’المراڪشي ڪريٽر‘ جي نالي سان ملن ٿا، پاڻ ’ابن ال بانا المراڪشي ال آزدي‘ نالي عرب هو ۽ 1256ع ڌاري مراڪش ۾ ڄائو.
اهڙيءَ طرح Alpetragius Crater، جيڪو ’نور دين البتروگي‘ نالي سان مشھور آهي، اهو مغرب ۾ ’الپيٽريجس‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. جيئن ابوسينا مغرب ۾ اوئسينا سڏجي ٿو. بھرحال البتروگي (Alpetragius) نالي هي عرب موراڪو ۾ ڄائو ۽ اُندلس جي شھر ’سيوائيل‘ ۾ زندگي گذاري. اهڙيءَ طرح چنڊ جي هڪ گهٻ (Dent) جو نالو Arzachel Crater پڻ آهي، جيڪو ’ابو اسحاق ابراهيم ابن يحيٰ النقاش الزرقلي‘ عرب جي نالي سان آهي. پاڻ 1028ع ۾ ڄائو ۽ 1087ع ۾ وفات ڪئي. زندگيءَ جو وڏو حصو اسپين ۾ رهيو. مغرب جي دنيا ۾ پاڻ Arzachel جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
چنڊ جي هڪ گهٻ مرزا الغ بيگ نالي بہ آهي. الغ بيگ هند، افغانستان ۽ ايران جي مشھور حاڪم تيمور لنگ جو پوٽو ۽ شاھہ رخ جو پٽ هو. الغ بيگ ان مشھور ماءُ گوهر شاد جو پٽ آهي جنھن مشھد ۾ امام رضا جي مقبري ڀرسان مسجد ٺھرائي، جيڪا اڄ بہ سندس نالي سان آباد آهي. مرزا الغ بيگ مئٿس (خاص ڪري ٽرگناميٽري) ۽ Astronomy ۾ وڏو قابل هو. اسپين جو عرب مسلمان ابو محمد بن افلح'>جابر بن افلح 1100ع ۾ ڄائو ۽ 1150ع ڌاري اسپين ۾ ئي وفات ڪئي. پاڻ اعليٰ قسم جو رياضي دان ۽ ماهر فلڪيات هو. يورپي (لاطيني) نالي Geber سان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب انگريزيءَ کان علاوہ ٻين ٻولين ۾ بہ ترجمو ٿيل آهن.
اهڙيءَ طرح اٺين صديءَ جو ماهر فلڪيات ابو اسحاق الفرازي آهي، جيڪو عباسي گهراڻي جي خليفي هارون رشيد جي ڪورٽ جو حسابدان ۽ ماهر فلڪيات هو. هن جو پٽ محمد الفرازي بہ فلڪيات جي علم جو وڏو ماهر هو. خليفي هارون رشيد جي حڪم تي هنن پيءُ پٽن هندستان جو مشھور ڪتاب ’سنڌ هند‘ ترجمو ڪيو، جيڪو فلڪيات جي عِلم بابت آهي. ان جو عربيءَ ۾ نالو ’اذج الاسني العرب‘ رکيو ويو. نائين صديءَ جو هڪ عرب علي ابن عيسيٰ جيڪو يورپ ۾ Jesu Occulist نالي سان مشھور ماهر فلڪيات ٿي گذريو آهي، ان ڌرتيءَ جي ٻاهرئين گهيري (Circumference) جي صحيح ماپ ٻڌائي. هن جي هڪ ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ’Notebook of the Oculists‘ بيحد مشھور آهي. اهڙي طرح اسپين جي هڪ عرب ’محي الدين المغربي‘ جا ٽرگناميٽري تي لکيل ڪتاب بہ مشھور آهن. ياد رهي تہ ٽرگناميٽري جي قاعدن ۽ جدولن ذريعي اسان مختلف تارن جو هڪ ٻئي کان فاصلو معلوم ڪري سگهون ٿا ۽ ساڳي طرح سمنڊ تي هلندڙ جھاز جو 24 ڪلاڪن ۾ طئي ڪيل فاصلو پڻ معلوم ڪري سگهون ٿا. جهاز، رستي تي هلندڙ ڪار يا لاريءَ وانگر ناهي تہ هو جيترو هلندو اوترو فاصلو طئي ڪندو. سامھون يا پٺيان جي هوا ۽ ڇوليون پاڻيءَ جي هلندڙ جھاز جي هليل فاصلي ۾ واڌ يا کوٽ پيدا ڪري سگهن ٿيون، جنھن جو حساب ٽرگناميٽري ذريعي ڪنھن هڪ يا ٻن تارن جي ڪنڊ (Angle) ڪڍي فاصلي جي ڳڻپ ڪئي ويندي آهي.
علاؤ الدين ابوالحسن الشاطر جيڪو 1304ع ۾ ڄائو ۽ دمشق (شام) جي اميه مسجد جو موقت (Time Keeper) بہ ٿي رهيو، پڻ فلڪيات جو وڏو ماهر ٿي گذريو آهي، جنھن مريخ (Mercury) سَياري بابت وڏي ڄاڻ ڏني. هن اميه مسجد دمشق جي هڪ مناري تي اُس جي روشنيءَ ذريعي ڪلاڪ معلوم ڪرڻ لاءِ Sundial ٺاهيو. اهڙيءَ طرح 1423ع ۾ مصر ۾ پيدا ٿيندڙ ماهر فلڪيات سبت المردني ٿي گذريو آهي. هن جو مامو عبدالله المردني بہ اٺين صديءَ جو ماهر فلڪيات هو. سبت المردني اهو مسلمان عرب ماهر فلڪيات آهي جنھن قاهره جي ’الاظھر جامع مسجد‘ ۾ انگي حساب ۽ فلڪيات جو علم پڙهايو. پاڻ ان مسجد جو موقت پڻ هو. هن جا انگي حسابن، علم فلڪيات ۽ اسلامي قانون تي 200 کن ڪتاب لکيل آهن. هڪ ٻئي عرب ماهر فلڪيات تقي الدين الشامي السعدي جا علم فلڪيات، علم نجوم، دوربينين ۽ فلسفي تي 90 کن ڪتاب لکيل آهن. پاڻ 1574ع ڌاري هڪ ٽيلي اسڪوپ پڻ ايجاد ڪيو. هن استنبول ۾ علاؤ الدين Observatory تي پڻ 1577ع ۾ ڪم ڪيو. تقي الدين الشامي السعدي 1521ع ۾ دمشق (شام) ۾ ڄائو ۽ قاهره (مصر) ۾ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ قاهره جو قاضي (جج) پڻ ٿي رهيو. 1571ع ۾ هو استنبول لڏي ويو جتي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي حاڪم سلطان سليم دوم جي ڪورٽ ۾ سرڪاري طرح فلڪيات جو عالم ٿي رهيو.
جيئن جيئن تھذيبون ترقي يافتہ ٿينديون ويون، تيئن تيئن چين، مصر، روس، يونان، هند ۽ وچ آمريڪا جي قديم تھذيبن، ستارن جي مطالعي لاءِ جديد رسدگاهون تعمير ڪرڻ شروع ڪيون. آهستي آهستي انھن ماڻهن ۾ ڪائنات بابت وڌيڪ جاچ پڙتال جو تجسس پيدا ٿيندو ويو. جيتوڻيڪ ان دور جا فلڪياتي راز ستارن ۽ گرهن جي نقشه بندي تائين محدود هئا، جنھن کي پوءِ ’ علم نجوم‘ بہ سڏيو ويو. اهڙن شروعاتي مطالعن مان گرهن جي حرڪت، سج، چنڊ، زمين ۽ ستارن جي باري ۾ گهڻو ڪجهہ معلوم ٿي سگهيو. جڏهن فلسفي جي مدد سان انھن آسماني جسمن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ ڪائنات جو هڪ مرڪزي تصور اڀري سامھون آيو. انھن آڳاٽن فلسفين موجب زمين، ڪائنات جو مرڪز هئي، يعني سج، چنڊ ۽ ستارا زمين جي چوڌاري گردش ڪندا هئا. هن نظرئي جو بنياد ٻي صدي عيسويءَ ۾ يونان جي مشھور ڏاهي ’ڪلاڊيئن بطليه موس‘ وڌو، جنھن کي ’بطليموسي نظام‘چيو وڃي ٿو. فلڪيات متعلق بطليموس جو مرڪزي ڪم سندس لکيل ڪتاب ’المجسطي‘ ۾ درج آهي. هن ڪتاب ۾ قديم يونان، هيلينيه ۽ بابل جي فلڪيات دانن جو صدين تي مبني ڪم بہ شامل ڪيل هو. هن ڪتاب ۾ آندل نظرين کي هڪ هزار سالن تائين يورپي ۽ اسلامي فلڪياتدانن ۾ پذيرائي ملندي رهي. بطليموس جي ان نظام ۾، ستارن ۽ گرهن جي مدارن جي ماپ ۽ پڙتال جو بہ ذڪر ملي ٿو.
بابل جا فلڪياتدان پھريان ڏاها ماڻهو هئا، جن رياضي ۽ منطق جي مدد سان ان ڳالھہ جو اندازو لڳايو تہ چنڊ گرهڻ هڪ تڪراري واقعو آهي ۽ وقت کان اڳ ان جي پيشن گوئي ممڪن آهي. گرهڻ جي ان چڪر کي ’ساروس‘ چيو ويندو آهي. بابل جي فلڪيات دانن کانپوءِ قديم يونان ۽ هيلينيه جي تھذيبن ۾ فلڪيات جي علم کي پذيرائي ملي. يوناني فلڪيات ۾ شروع کان ئي ان ڳالھہ جو خيال رکيو ويندو هو تہ ٻين آسماني ستارن سان گڏ آسمان ۾ نظر ايندڙ گهڻين شين کي طبعي وضاحت سان پيش ڪيو وڃي ۽ منطق جي مدد سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ’آريستارخس ساموسي‘ پھريون يوناني فلڪياتدان هو، جنھن ٽين صدي ق.م ۾ زمين جي قطر جي ماپ ڪئي، سج ۽ چنڊ جي فاصلن کي دريافت ڪيو ۽ نظام شمسي لاءِ سج جو مرڪزي نظريو پيش ڪيو.
ٻي صدي قبل مسيح ۾ ’هسپارڪس‘ چنڊ جو قطر ۽ ان جي زمين کان مفاصلي جي ماپ ڪئي. هسپارڪس، فلڪياتي پيمائش لاءِ ’اسطرلاب/اصطرلاب‘ جي نالي سان هڪ اوزار پڻ ايجاد ڪيو، جنھن جي مدد سان هن اترئين اڌ حصي ۾ 1020 ستارن جي هڪ فھرست پڻ لکي ورتي. اهو ئي سبب آهي جو انھن ستارن جا يوناني نالا هر جڳھہ تي ڪتب آندا ويندا آهن. پھرين صديءَ ۾ايجاد ٿيل ’ انتيڪيٿرا ميڪانيه‘ دنيا ۾ سڀ کان پھرين استعمال ٿيڻ وارو ’تماثلي اضتراع‘ (هڪ اوزار) هو، جنھن جي مدد سان سج، چنڊ ۽ زمين جي هنڌ جو وقت کان پھرين درست اندازو ڪنھن بہ ڏنل تاريخ مطابق لڳائي سگهبو هو. هن قسم جا پيچيدہ اضتراع (اوزار) چوڏهين صديءَ کانپوءِ ئي نظر اچن ٿا 1964ع ۾ عبدالرحمان الصوفي، جاده شير سان گڏ 25 لک نوي سالن جي مفاصلي تي هڪ ٻي ڪھڪشان دريافت ڪئي، جنھن کي اڄ بہ ’اينڊروميڊا‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. ٻين فلڪياتدانن ۾ ’جابر بن سان البتاني‘ ثابت بن قره، ابو معشر بلخي، ابو ريحان البيروني، ابراهيم بن يحيٰ الزرقالي، عبدالعلي بيرجندي ۽ مراغه مشھور آهن. هن علم ۾ سائنسي انقلاب تڏهن آيو جڏهن يورپ جي تاريخ جي ٻئي دؤر (14 کان 17 صدي عيسوي) ۾ نڪولس ڪوپرنيڪس هڪ دفعو ٻيھر ’سج جي مرڪزي نظرئي‘ کي علم فلڪيات ۾ متعارف ڪرايو. ڪوپر نيڪس کانپوءِ گليليو ۽ ڪپلر جديد اوزارن جي مدد سان هن نظرئي جي تائيد ڪئي. صحيح ۽ درست ماپ تور لاءِ گليليو پھرين دوربين بہ ايجاد ڪئي. ’ ڪپلر‘ اهو سائنسدان هو جنھن ’سج واري مرڪزي نظرئي‘ کي مڪمل نظام شمسي جو ويس پھرايو ۽ طبعي وضاحت کي استعمال ڪري گرهن جي، سج جي چوڌاري گردش ۽ حرڪت کي منطقي طور پيش ڪيو. جيتوڻيڪ ڪپلر ’نظام شمسي‘ لاءِ لازمي قانونن جي ضابطہ بندي نہ ڪري سگهيو، جنھن کي پوءِ آئزڪ نيوٽن، پنھنجي فلڪي ميڪانيات ۽ ثقالت بابت قانونن ۾ سرانجام ڏنو. مقامي ستاري جي برعڪس اهي گرمي پد، مقدار ۽ جسامت ۾ مختلف آهن. زمين جي مقامي ڪھڪشان کي هڪ ’متفرق مجمع النجوم‘ (گڏيل ستارن جي هجوم) طور صرف 20 صدي عيسويءَ ۾ تڏهن ڏٺو ويو جڏهن ٻين ڪھڪشائن کي دريافت ڪيو ويو. ٻين ڪھڪشائن کي زمين کان پري ويندي ڏسي اهو اندازو لڳايو ويو تہ ڪائنات لاڳيتو ڦھلجي رهي آهي، جديد دور جي فلڪيات ۾ ٻيا بہ آسماني جسم دريافت ڪيا ويا آهن.
ريڊيائي فلڪيات (Radio Astronomy): فلڪيات جي اُها شاخ، جنھن ۾ تارن ۽ خلا ۾ موجود مادي جي ڪڪرن مان موڪليل ريڊيائي لھرن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. ڪيتريون ڪھڪشائون، تارا ۽ سج ريڊيائي لھرون موڪليندا رهن ٿا، جيڪي عام دوربين وسيلي ڏسي نٿيون سگهجن. پر رسدي ايريئلن (Receiving Aerials) وسيلي عام ريڊيائي نشريات وانگر انھن جو پتو لڳائي سگهبو آهي. هي لھرون ايريئلن ۾ هلڪا برقي وهڪرا پيدا ڪن ٿيون، جن کي آواز ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر خلائي رسدگاهن ۾ انھن لھرن کي هڪ خاص قسم جي رسدي اوزارن (Receivers) تي آندو ويندو آهي، جن کي ’ريڊيائي دوربينون‘ (Radio Telescopes) چئبو آهي. ريڊيائي دوربينيون تمام وڏيون ٿينديون آهن تہ جيئن خلا مان وڌ ۾ وڌ لھرون جهٽي سگهن. انھن سمورين لھرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويندو آهي تہ جيئن منجهائن پيدا ٿيندڙ برقي وهڪرو ايترو نمايان هجي، جو آسانيءَ سان رڪارڊ ڪري سگهجي. ڪن ريڊيائي دوربينين کي وڏيون پيالي جهڙيون آرسيون، (رفليڪٽرز) هونديون آهن، جن جو منهن آسمان جي ڪنھن بہ حصي ڏانھن آسانيءَ سان ڦيرائي سگهجي ٿو. ڪي رفليڪٽر سوين فوٽ قطر جا هوندا آهن. رفليڪٽر جي سامھون ايريل هوندي آهي، جيڪا سڀني لھرن کي هڪ مرڪز تي گڏ ڪندي آهي. لھرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ برقي وهڪرا خود ڪار اوزارن وسيلي رڪارڊ ٿيندا رهندا آهن ۽ ڪاغذ تي لھرن واريءَ ليڪ وانگر نظر ايندا آهن. انگلنڊ ۾ ’جاڊريل نديءَ‘ جي ڪناري تي قائم ڪيل رسدگاھہ ۾ هڪ تمام وڏي ريڊيائي دوربين موجود آهي. هيءَ رسدگاھہ دنيا جي وڏين رسدگاهن مان هڪ ليکي وڃي ٿي، تنھن کان سواءِ هڪ هزار فوٽ قطر واري هڪ ريڊيائي دوربين ويسٽ انڊيز جي ’پيورٽو رڪو‘ (Puerto Rico) نالي هنڌ تي ٺاهي وئي آهي. اتي ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري هڪ وڏي کڏ ٺھي پئي هئي، جنھن کي پالش ڪيل اليومينم جو استر ڏيئي ريڊيائي دوربين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هيءَ دوربين هونئن تہ ڏاڍي ڪارگر آهي، پر ان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ حرڪت ۾ نٿو آڻي سگهجي. عام دوربينين جي مقابلي ۾ ريڊيائي دوربين خلا ۾ تمام اتاهين ڳولا ڪري سگهي ٿي. اهڙن نون جسمن جي دريافت کانپوءِ ٻين طبعي نظرين مثال طور: تقب اسود ۽ نيوٽران ستارن جون وڌيڪ شاهديون سامھون آيون آهن.
فلڪيات جون ٽي اهم شاخون هيٺين ريت آهن:
(1) ماحولياتي سائنس ((Atmospheric science جنھن ۾ ڪائنات جي ماحولياتي تبديلين ۽ آبهوا جو مطالعو ڪيو ويندوآهي.
(2) اضافي گرهني حيات Exoplanetology)):ڌرتي کان ٻاهر ٻين گرهن تي زندگيءَ جي امڪان جو اڀياس هن شاخ ذريعي ڪيو وڃي ٿو.
(3) گِرھہ سازي (Planetary formation): هن شاخ ۾ گرهن جي ٺھڻ، ڊهڻ، انھن جي ارتقائي شڪل ۽ حرڪت وغيرہ جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويندو آهي.


لفظ فلڪياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو