فوجو فقير (سپھه سالار): فوجي فقير جا وڏا اصل اُچ شريف جا رهاڪو هئا، جيڪي هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي ڳوٺ هيرو خان (تعلقو جوهي) ۾ آباد ٿيا. جتي هن ٿھيم قبيلي مان شادي ڪئي. غلام رسول مھر پنھنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ هن جو اصل ڳوٺ ’هڙي‘ ڄاڻايو آهي. هو ميان نصير محمد ڪلهوڙي (1701-1696ع) جو اهم ساٿي، تحريڪ آزاديءَ جو ڪارڪن ۽ خدمتگار هو. جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙي کي شھيد ڪيو ويو تہ ميان نصير محمد ڪلهوڙو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا پرڳڻي مان هجرت ڪري ضلعي دادوءَ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڳاڙهي نالي شھر آباد ڪري، اتي رهڻ لڳو، مغل بادشاھہ اورنگزيب جڏهن ميان نصير محمد کي باغي قرار ڏئي، گواليار جي قلعي ۾ قيد ڪيو تہ سندس غير موجودگيءَ ۾ فوجي فقير کي ميان جي ديري جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو ويو. ميان جي اسيريءَ مان واپسيءَکانپوءِ فوجي فقير کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هٽڙي واري علائقي تي مقرر ڪيو ويو، جتي هن پنھنجي فوجي انتظامي مھارت جو ثبوت ڏنو. هي ميان صاحب سان ڪيترين ئي جنگين ۾ گڏ وڙهيو، انهن لڙاين ۾ هن بھادريءَ جا ڪيترائي جوهر ڏيکاريا. ميان نصير محمد هن بھادر جرنيل جي مدد سان بکر جي حاڪم يعقوب خان کي شڪست ڏني. جڏهن ملتان جو گورنر شھزادي معزالدين (1206-1149ع)، ميان دين محمد کي گرفتار ڪري ملتان وٺي وڃي شھيد ڪرايو ۽ گڏوگڏ ميان وال تحريڪ جا ڪيترا ئي نامور سياسي مدبر، تجربيڪار بھادر جنرل ۽ صلاحڪار قتل ڪرايا، تڏهن انھيءَ ڏکئي وقت ۾ تحريڪ آزادي جي جدوجھد ۾ قيادت جو بحران پيدا ٿيو تہ سڄي ميان وال تحريڪ جي ڪارڪنن پنھنجي هن جهوني بزرگ ساٿي فوجي فقير کي تحريڪ جي قيادت سنڀالڻ لاءِ چيو، جنھن خوشيءَ سان سندن فيصلو قبول ڪيو ۽ ميان يار محمد (ڪنارہ ڪشي ڪري قلات هليو ويو) جي غير موجودگيءَ ۾ تحريڪ کي منظم ڪندو رهيو. ٻيو ڪو اڳواڻ نہ هئڻ وارين انتھائي ڏکين حالتن ۾ هن تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. سنڌ ۾ فوجو فقير بابت هي چوڻي مشھور ٿي تہ: ’ماڻهو ويا مري، تڏهن فوجو ٿيو فقير‘هن هڪ سئو سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. روايت آهي تہ: جنھن وقت فوجي فقير جي ميت کي سندس اڳواڻ ميان نصير محمد جي ڀر ۾ دفنايو پئي ويو تہ ان وقت ميان يار محمد پنھنجي فتح ۽ ڪامرانيءَ جا طبل وڄائيندي اچي منڇر جي ڪناري شاھہ حسن جي ڳوٺ ۾ خيما کوڙيا، جتي کيس پنھنجي وفادار ساٿيءَ جي لاڏاڻي جي سڌ پئي. ان وقت ميان پنھنجي ڪاري کٿي لاهي زمين تي وڇائي چيو تہ: ”هيءَ کٿي فوجي فقير جي وفاداريءَ جي ساک ٿي.“ جنھن تي ميان سان گڏ سڀ فقير ڏکارا ٿي ويا ۽ پنھنجي جهوني ساٿيءَ جي موت جو سوڳ ڪرڻ لڳا. ڪاڇي ۾ هن وقت بہ هن بھادر سپاهيءَ جي نالي سان ’فوجڪي ديھه‘ موجود آهي. فوجي فقير جي قبر مٿان ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي (1772-1757ع) هڪ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو. سندس پونيئرن مان ڪي ماڻهو هيرو خان ۾ رهندا اچن ۽ ڪجهہ ماڻهو لڏي اچي دادو شھر ۾ رهائش پذير ٿيا آهن.