فولاد فقير شر

فولاد فقير شر

فولاد فقير شر

فولاد فقير شر : مشھور بزرگ، فقير فولاد علي ولد فقير غلام حيدر شر جو جنم 10 محرم 1282ھہ مطابق 6 جون 1865ع تي ڳوٺ مينگهي فقير شر، تعلقي ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو. هوش سنڀاليائين تہ کيس قرآن شريف جي تعليم لاءِ ملان دولت نالي استاد وٽ ويهاريو ويو. تعليم کهڙن جي شھر ۾ خدا دوست اڄڻ وٽان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ شاھہ پنجي جي ڀر ۾ آڳرن جي ڳوٺ ۾ مولوي محمد پريل ۽ غلام نبي آگري وٽ مدرسي ۾ پڙهيو. ‘سڪندر نامہ’ ڳوٺ آباد جي ڀر ۾ کهڙن جي مسجد ۾ مولوي غلام محمد وٽ پڙهيو. 1877ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. هن يارنهن سال ماستري بہ ڪئي، پر پوءِ استعيفا ڏنائين. فولاد فقير، نماز ۽ روزي جو پابند هو. روزانو رات جو پهريون پھر گذرڻ کان پوءِ ميان صاحبڏني فاروقي درازيءَ جي مدح ‘اغثني’ بيهي پڙهندو هو. صوفي شاھہ عنايت ۽ قلندر لعل شھباز جي درگاهن تي پنڌ وڃي حاضريون ڀريندو هو.شاھہ عنايت جي درگاھہ تان تاج فقيري نصيب ٿيس، جيڪو کيس ان وقت جي سجادہ نشين غوث بخش فقير پارايو. فولاد فقير اڪثر سچل سرمست جي درگاھہ تي حاضريون ڀريندو هو ۽ اڪيلائيءَ ۾ روئندو هو. هن سچل سرمست جي درگاھہ جي ڪيترن ئي طالبن کي درس پڻ ڏنو. سندس نثر ۾ هڪ ڪتاب ‘روح اعظم’ ڇپيل آهي. فولاد فقير 102 سالن جي ڄمار ۾ 10 جون 1967ع تي وفات ڪري ويو. سندس اڪيلو فرزند فقير علي گوهر پنھنجي وقت جو مشھور فقير ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. فولاد فقير جي آخري آرامگاھہ تعلقي ٺري ميرواھہ ۾ واقع آهي


لفظ فولاد فقير شرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1865.06.06  عيسوي

مشهور بزرگ، فقير فولاد علي ولد فقير غلام حيدر شر جو جنم 10 محرم 1282هه مطابق 6 جون 1865ع تي ڳوٺ مينگهي فقير شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو.


1967.06.10  عيسوي

فولاد فقير 102 سالن جي ڄمار ۾ 10 جون 1967ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن بادشاھہ قادري
ع ق شيخ
شوڀا لالچنداڻي
اي ڪيو پيرزادو
اسلم خيرپوري
غلام قادر لنجواڻي
صديقي جھانگير
ڄام کنگهار (پهريون)
رحيم خان پرانگ
اي آر بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون