
ڊاڪٽر فياض لطيف
فياض لطيف، ڊاڪٽر: فياض لطيف جو اصل نالو بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هي پھرين اپريل 1972ع تي، ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اي سنڌي ادب ۾ 1994ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس مان حاصل ڪئي، هن ’شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات‘ جي موضوع تي مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. فياض لطيف 1990ع کان هڪ شاعر جي حيثيت سان ادب جي ميدان ۾ پير پاتو. هن شاعريءَ کان سواءِ تحقيقي مقالا ۽ مضمون بہ لکيا ۽ ڪِن ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا آهن. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن ۾: رجنيش اوشو جي چونڊ ليڪچرن تي مشتمل ڪتاب جو ’خدا، زندگي، محبت ۽ موت‘ (2000ع)، اوريانا فلاسيءَ جي مشھور ناول A Letter to Child Never Born جو ’اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط‘ جي نالي سان ترجمو (2001ع)، رجنيش اوشو جي آتم ڪھاڻيءَ جو ترجمو ’اوشو جي آتم ڪھاڻي‘، (2003ع) شامل آهن. سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪتابن ۾: ’چنڊ ڪڪر جي اوٽ‘ (شاعري: 2002ع)، ’خط، خوشبو، خواب‘ (خط: 2010ع)، ’دل جي خانہ بدوشي‘ (شاعري 2013ع)، اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو '>شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو (2017ع)، شاھہ جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال (ائنٿالاجي 2017ع)، شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات (پي ايڇ ڊي ٿيسز 2018ع)، شيخ اياز جا دوها (2018ع)، سائو ڪي سڄاڻ (2020ع) ۽ مون سان منھنجا سپرين (شيخ اياز جي خطن جو ڪلياڻ) شيخ اياز جي شاعري جو لغت ڇپجي چُڪا آهن. کيس علمي ادبي مڃتا طور: ’ڪينجهر تنقيد ايوارڊ‘ (1995ع)، ’پير حسام الدين راشدي ايوارڊ‘ (1999ع)، ’فقير بخش علي ابڙو ايوارڊ‘ (2010ع)، زخمي چانڊيو ايوارڊ (2014ع)، لطيف مڃتا ايوارڊ (2016ع) ڏنا ويا آهن. هن 1997ع ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر طور پڙهائڻ شروع ڪيو، ان کان پوءِ 16 سالن تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون، هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي. 2020ع کان ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر جا فرائض سرانجام ڏنائين. جولاءِ 2025ع کان ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
1972.04.01 عيسوي
فياض لطيف جو اصل نالو بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هي پھرين اپريل 1972ع تي، ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.