
فياض ڏاهري
فياض ڏاهري: فياض ڏاهريءَ جو اصل نالو غلام حسين ولد روشن علي ڏاهري آهي، هن 5 جنوري 1971ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز (اڳوڻي نواب شاھہ) ۾ درٻيلي ڀرسان ڳوٺ محمد ڇٽل ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو. هن شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان گرئجوئيشن ڪئي. سندس نانو آخوند دين محمد ڏاهري حڪيم، گڏوگڏ سنڌي ۽ فارسيءَ جو شاعر بہ هو، جنھن جي تربيت هيٺ ’فياض‘ ڏاهريءَ شاعريءَ جي ابتدا ڪئي. فياض ڏاهريءَ ادبي دنيا ۾ 1989ع کان پير پاتو. سندس پھريون شعري مجموعو ’آلا نيڻ بھارن جا‘ 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ’هئنگ اوور‘ پڻ ڇپيل آهي.’فياض‘ ڏاهري 1991ع کان سنڌ پوليس کاتي ۾ آفيسر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.
1971.01.05 عيسوي
فياض ڏاهريءَ جو اصل نالو غلام حسين ولد روشن علي ڏاهري آهي، هن 5 جنوري 1971ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز (اڳوڻي نواب شاهه) ۾ درٻيلي ڀرسان ڳوٺ محمد ڇٽل ڏاهريءَ ۾ جنم ورتو.