
فيروز احمد ميمڻ
فيروز احمد ميمڻ: پبلشر/ناشر فيروز احمد ميمڻ 2 جنوري 1947ع تي، حيدرآباد ۾ محمد صالح ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ايم.اي (اڪنامڪس)، ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس)، ايم.اي (سنڌي) ۽ ايم.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان استاد، هيڊ ماستر ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ذميواريون نڀايائين. هن شروعاتي دور ۾ ’سھڻي‘ رسالي ۾ ڪجهہ وقت لکيو، ان کان پوءِ ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ ادارو قائم ڪري ڪتاب ڇپائڻ لڳو. نيو فليڊس سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ جي لحاظ کان گهڻو مشھور آهي. 40 سالن جي عرصي ۾ 260 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، جن ۾: سفرناما، ڪھاڻيون، شاعري، آتم ڪٿا، ترجمو ۽ ٻيا موضوع اچي وڃن ٿا. ناشر جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي ڪيترن ئي مشھور اديبن، شاعرن، محققن ۽ سياستدانن جا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. فيروز احمد سگا، ڪاروان ادب ۽ سھڻي پبليڪيشن سان بہ لاڳاپيل رهيو. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾: ’بين الاقوامي قانون‘ (ايم. اي جي شاگردن لاءِ)، عظيم ڪھاڻيڪارن جون عظيم ڪھاڻيون (ترتيب)، ’آزادي خاطر‘ (ترجمو ٿيل ڪھاڻيون) ۽ ’موتي جي مھراڻ جا‘ (ڪھاڻيون، ترتيب) شامل آهن. اشاعت جي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چُڪا آهن، جن ۾: بھترين پبلشر ايوارڊ (محمد صادق گولڊ ميڊل) ۽ بھترين پبلشر ايوارڊ (ڪاروان ادب) اهم آهن. هن شيخ اياز جي آتم ڪٿا جا جلد ۽ شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب پنھنجي اداري پاران ڇپائي پڌرا ڪيا.
1947.01.02 عيسوي
پبلشر/ناشر فيروز احمد ميمڻ 2 جنوري 1947ع تي، حيدرآباد ۾ محمد صالح ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.