فيروز شاهه تغلق (1351ع کان 1388ع ):فيروز شاهه غياث الدين تغلق جو ڀائٽيو هو ۽ ننڍو ئي هو ته سندس پيءُ رجب جيڪو ۽ جنگي سپهه سالار هو، فوت ٿي ويو. غياث الدين تغلق سندس پرورش ۽ تربيت ڪئي. غياث الدين تغلق جي وفات کان سندس پٽ محمد بن تغلق کيس پاليو ۽ سکيا ڏني. جڏهن وڏو ٿيو ته محمد بن تغلق کيس امير حاجب (Chief Lord) جي عهدي تي مقرر ڪيو. محمد بن تغلق جڏهن گجرات ڏانهن بغاوت کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ دهليءَ کان روانو ٿيو هو ته پويان ٽن ڄڻن کي دهليءَ جي حڪومت سونپي ويو هو، جن ۾ فيروز شاهه به شامل هو. جڏهن محمد بن تغلق گجرات پهتو ته کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتائين، جڏهن بادشاهه ٺٽي ۾ وفات ڪئي ته به هو ساڻس گڏ هو. محمد بن تغلق جي اوچتي موت سبب بادشاهي فوج ۾ پريشاني پکڙجي وئي، باغي طغيءَ ۽ منگول سپاهين مٿن حملو ڪيو، تنهنڪري سندن حوصلا خطا ٿي ويا، ٺٽي ۾ موجود اميرن گڏجي فيروز شاهه کي بادشاهه چونڊيو، فيروز شاهه مجبور ٿي تخت قبول ڪيو. هن بادشاهه ٿيڻ شرط بادشاهي فوج ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪيو ۽ فوج جا حوصلا پختا ڪيا، جنهنڪري باغين حملا ڪرڻ بند ڪيا. فيروز شاهه، شاهي گهراڻي جي عورتن ۽ فوج کي ٺٽي مان دهليءَ هلڻ جو حڪم ڪيو، رستي ۾ سيوهڻ، بکر، اچ، ديبالپور ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي قيام ڪري ماڻهن کي انعام اڪرام ڏئي خوش ڪندو دهليءَ ڏانهن وڌندو رهيو. عالمن ۽ صوفين بزرگن کي وڏا وظيفا ۽ رقمون ڏئي خوش ڪيائين. پويان وزيراعظم خواجه جهان احمد اياز هڪ صغير ٻار کي محمد بن تغلق جو پٽ ڄاڻائي تخت تي ويهاري ڇڏيو هو، پر فيروز شاهه جي دهليءَ پهچڻ تي هو فيروز شاهه جي آڏو پيش پيو، اميرن جي سخت مخالفت سبب وزيراعظم کي حج تي روانو ڪري ڇڏيائين. فيروز شاهه جي آڏو مک مسئلو اهو هو ته دهليءَ جي سلطنت کي ان زوال کان بچائي جنهن جي شروعات اڳ ٿي چڪي هئي، کيس انهن سردارن سان مقابلو ڪرڻو هو،جيڪي سلطنت کي متحد ۽ طاقتور بنائڻ بجاءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا هئا، پر هن جو مقصد هو اهڙن علائقن کي نئين سر فتح ڪري سلطنت ۾ شامل ڪيو وڃي، جيڪي محمد بن تغلق جي زماني ۾ دهلي سلطنت کان الڳ ٿي ويا هئا، پر اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ وٽس حوصلو ۽ ارادي جي پختگي نه هئي. ڊاڪٽر رياض اسلام پنهنجي ڪتابAn advanced History of India ۾ لکي ٿو ته هن بادشاهه کي جنگ ۽ رتوڇاڻ سان ڪا به دلچسپي نه هئي ۽ هو پنهنجي ناقص سپهه سالاريءَ ۽ شخصي ڪمزوريءَ سبب هر جنگي مهم ۾ ناڪامياب رهيو. هن ۾ وڏو نقص دل جي ڪمزوري هو، جنهنڪري هو اگر ڪنهن پرڳڻي تي ڪاهي به ويندو هو ۽ فتح بلڪل نزديڪ ايندي هيس ته به جنگ بند ڪري واپس موٽندو هو. صرف اهو سبب ڏيندي ته ملڪ فتح ڪرڻ جو هَوسَ ۾ هو مسلمانن جو رت ڪيئن وهائي.؟ سڄي زندگيءَ ۾ جيڪي به مُهمون هن سرانجام ڏنيون، ان مان صرف ٻن ۾ کيس ڪاميابي نصيب ٿي، پهرين ٺٽي جي باغين کي ختم ڪرڻ ۽ ٻي بنگال جي باغين جي سرڪوبي. ليڪن هڪ انگريز مورخ ٿامس مٿس تنقيد ڪندي لکيو آهي ته انهن ٻنهي فتحن کي اعليٰ قسم جون فتحون نه ٿو سڏي سگهجي، جو اهي فتحون جٽادار ثابت نه ٿيون. هن بنگال تي ٻه ڀيرا ڪاهيو، پهريون دفعو 1353ع ۾ فوج کان سواءِ ٻيڙيون به ساڻ ڪيائين ۽ حاجي الياس کي سيکت ڏيڻ ٿي چاهيائين، هن فوج کي حاجي الياس کي زنده پڪڙڻ جو حڪم ڪيو، پر هو اڪداله جي قلعي ۾ وڃي لڪو. فيروز شاهه قلعي کي گهيرو ڪيو، پر موسم جي خرابيءَ سبب واپس موٽي آيو. ٻيو ڀيرو 1359ع ۾ جڏهن حاجي الياس رحلت ڪري ويو ۽ سندس پٽ سڪندر تخت نشين ٿيو ته هن بنگال تي ڪاهه ڪئي. 1360ع ۾ هو اڪواله قلعي جي ڀرسان منزل انداز ٿيو. سڪندر قلعي اندر بند ٿي ويهي رهيو، فوج چوڌاري گهيرو ڪري بيهي رهي. اتفاق سان قلعي جو هڪ برج ڪري پيو، اهو موقعو هو ته فوج اندر داخل ٿئي پر فيروز شاهه اهڙي اجازت نه ڏني، هن سمجهيو ٿي ته فوج اندر گهڙندي ته وڏي رتوڇاڻ ٿيندي. فيروز شاهه کي اهڙي نيڪيءَ ڏانهن مائل ڏسي سڪندر صلح جي درخواست ڪئي، جيڪا فيروز شاهه خوشيءَ سان قبول ڪري سندس بنگال جي بادشاهه هئڻ وارو حق تسليم ڪيو. هن ٺٽي تي به حملو ڪيو، سن 1366ع ۾ فيروز شاهه 90 هزار گهوڙي سوار، لاتعداد پيادن سپاهين، 450 هاٿين ۽ 500 ٻيڙين سان سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته جيئن ڄامن کي زير ڪري. سنڌ جي حڪومت ان قت ڄام علاؤ الدين ۽ صدر الدين جي هٿ هيٺ هئي. اهي ٻئي منگولن سان گڏ ملتان ۽ گجرات جي سرحدن تي حملا ڪندا هئا. انهن به مقابلي لاءِ چار لک پيادا سپاهي ۽ ويهه هزار گهوڙي سوار سپاهي تيار ڪيا. فيروز شاهه سنڌ جي گاديءَ ٺٽي کان ڪجهه پري منزل ڪئي. ٻنهي فوجن جي وچ ۾ وقت به وقت جهڙپون ٿينديون رهيون، ليڪن ڪو فيصلي ڪن نتيجو نه نڪتو. ايتري ۾ فيروز شاهه جي فوج ۾ هڪ وچڙندڙ بيماري پکڙي وئي، جنهن ۾ منو حصو فوج يا ته مري وئي يا مفلوج ٿي پئي، جنهنڪري فيروز شاهه کي مجبور ٿي گجرات ڏانهن واپس موٽڻو پيو ۽ رستو ڀلجي ڪڇ جي رڻ پٽ ۾ فوج سميت وڃي نڪتو، جنهنڪري ڪافي نقصان سهڻو پيس. گجرات مان نئين فوج تيار ڪري وري ٺٽي آيو، سندس سنڌي فوج سان مقابلو به ٿيو، پر اڃا ڪو فيصلو ٿئي ئي ٿئي ته اچ جي مشهور بزرگ سيد جلال شاهه سرخ پوش بخاري، سنڌ جي ڄامن کي هدايت ڪئي ته هو جنگ نه ڪن ۽ هن وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. هو ڄام علاؤالدين ۽ ڄام صدرالدين کي دهليءَ وٺي آيو، حڪومت ڄام تماچيءَ جي حوالي ڪري 1367ع ۾ واپس دهليءَ موٽيو. هن ڪيترا زرعي سڌارا آندا، واهه کوٽايا، نتيجي طور ملڪ سرسبز ٿيو. هو مذهبي خيالن جو ماڻهو هو، هن پنهنجي عهد ۾ ٻه دفعا مصر جي اسلامي خليفي کان اجازت نامو حاصل ڪيو ته هندوستان ۾ کيس نائب طور تسليم ڪيو وڃي. هن پنهنجي نالي سان گڏ خليفي جو نالو به سڪن تي لکرايو. هن ڏٺو هو ته محمد بن تغلق عالمن ۽ اميرن سان ڦٽايو هو ته کيس مشڪلاتون سامهون آيون هيون، ان ڪري هن عالمن ۽ اميرن سان تعلقات بهتر رکيا. عالمن ۽ صوفين سان فيروز شاهه شروع کان وٺي نهايت عقيدت منديءَ سان رهيو. ڪيترا مدرسا کوليائين. خانقاهن ۽ درگاهن جي مالي مدد ڪيائين. فيروز شاهه باغن پوکائڻ ۽ نون شهرن ۽ عمارتن ٺهرائڻ جو وڏو شوق رکندو هو. سندس وقت ۾ سپاهين کي سرڪاري خزاني مان پگهار ملندي هئي ۽ ٻيون مراعاتون به ملنديون هيون. هي پهريون حاڪم هو جنهن حڪم ڪڍيو هو ته ڪو سپاهي جيڪڏهن مري وڃي يا ٻڍو ٿي وڃي ته سندس جاءِ تي هن جي اهڙي مائٽ کي نوڪريءَ ۾ رکيو وڃي، جيڪو سندس ڪفالت به ڪري. سن 1374ع ۾ فيروز شاهه جو وڏو پٽ فتح خان مري ويو، جنهنڪري هن جي دل ۽ دماغ کي صدمو رسيو. ۽ انهيءَ غم ۾ ڳري 20 سيپٽمبر 1388ع تي وفات ڪري ويو .
1351.00.00 عيسوي
فيروز شاهه 1351 ۾ پيدا ٿيو.
1388.09.20 عيسوي
فيروز شاهه 20 سيپٽمبر 1388ع تي وفات ڪري ويو .