فيروز شاھہ تغلق (1351ع کان 1388ع): فيروز شاھہ، تغلق گهراڻي جي پھرين بادشاھہ غياث الدين تغلق جو ڀائٽيو هو. هُو ننڍو ئي هو تہ سندس پيءُ، جنگي سپھه سالار رجب فوت ٿي ويو. جنھن بعد سندس چاچي غياث الدين تغلق پرورش ۽ تربيت ڪئي. غياث الدين تغلق جي وفات کان پوءِ ان جي پٽ محمد بن تغلق کيس پاليو ۽ سکيا ڏني. جڏهن وڏو ٿيو تہ سندس سؤٽ محمد بن تغلق کيس امير حاجب (Chief Lord) جي عھدي تي مقرر ڪيو. محمد بن تغلق جڏهن بغاوت کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ دهليءَ کان گجرات ڏانھن روانو ٿيو، تڏهن پويان دهليءَ جي حڪومت ٽن ڄڻن حوالي ڪري ويو، جن ۾ فيروز شاھہ تغلق بہ شامل هو. محمد بن تغلق جڏهن گجرات پھتو تہ فيروز شاھہ کي بہ پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. جڏهن محمد شاھہ تغلق ٺٽي کان 14 ڪوھہ پري 21 محرم الحرام 752ھہ/ 20 مارچ 1351ع تي وفات ڪئي، تڏهن فيروز شاھہ گڏ هيس. محمد تغلق جي وفات کان پوءِ 24 محرم الحرام 752ھہ/ 23 مارچ 1351ع تي سلطان فيروز تخت نشين ٿيو. جنھن تي سندس لشڪر ۾ بغاوت ٿي، منگول سپاهين مٿن حملو ڪيو. جنھن کان پوءِ ٺٽي ۾ موجود اميرن گڏجي فيروز شاھہ تغلق کي بادشاھہ تسليم ڪيو. هن بادشاھہ ٿيڻ شرط بادشاهي فوج ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪيو ۽ فوج جا حوصلا پختا ڪيا، جنھنڪري اندروني بغاوت ختم ٿي. فيروز شاھہ، شاهي گهراڻي جي عورتن ۽ فوج کي ٺٽي مان دهليءَ هلڻ جو حڪم ڪيو. رستي ۾ سيوهڻ، بکر، اچ، ديبالپور ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي قيام ڪري ماڻهن کي انعام اڪرام ڏئي خوش ڪندو دهليءَ ڏانھن وڌندو رهيو. عالمن ۽ صوفين بزرگن کي وڏا وظيفا ۽ رقمون ڏئي خوش ڪيائين. پويان وزيراعظم خواجہ جھان احمد اياز هڪ صغير ٻار کي محمد بن تغلق جو پٽ ڄاڻائي تخت تي ويھاريو پر اهو فيروز شاھہ جي دهليءَ پھچڻ تي سندس آڏو پيش پيو، هن اميرن جي سخت مخالفت سبب وزيراعظم کي حج تي روانو ڪري ڇڏيو. فيروز شاھہ جي آڏو مک مسئلو اهو هو تہ دهليءَ جي سلطنت کي ان زوال کان بچائي، جنھن جي شروعات اڳ ٿي چڪي هئي. کيس انھن سردارن سان مقابلو ڪرڻو هو، جيڪي سلطنت کي متحد ۽ طاقتور بنائڻ بجاءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ تيار هئا. پر هن جو مقصد هو اهڙن علائقن کي نئين سر فتح ڪري سلطنت ۾ شامل ڪرڻ، جيڪي محمد بن تغلق جي زماني ۾ دهلي سلطنت کان الڳ ٿي ويا هئا. پر اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ وٽس حوصلو ۽ ارادي جي پختگي نہ هئي. ڊاڪٽر رياض اسلام پنھنجي ڪتابAn advanced History of India ۾ لکي ٿو: ”هن بادشاھہ کي جنگ ۽ رتوڇاڻ سان ڪا بہ دلچسپي نہ هئي ۽ هو پنھنجي ناقص سپھه سالاريءَ ۽ شخصي ڪمزوريءَ سبب هر جنگي مھم ۾ ناڪامياب رهيو. هن ۾ وڏو نقص دل جي ڪمزوري هو، جنھنڪري جيڪڏهن ڪنھن پرڳڻي تي ڪاهي بہ ويندو هو ۽ فتح بلڪل نزديڪ ايندي هيس تہ بہ جنگ بند ڪري واپس موٽندو هو. صرف اهو سبب ڏيندي تہ ملڪ فتح ڪرڻ جي هَوسَ ۾ هو مسلمانن جو رت ڪيئن وهائي؟ سڄي زندگيءَ ۾ جيڪي بہ مُھمون هن سرانجام ڏنيون تن مان صرف ٻن ۾ کيس ڪاميابي نصيب ٿي، پھرين ٺٽي جي باغين کي ختم ڪرڻ ۽ ٻي بنگال جي باغين جي سرڪوبي.“ ليڪن انگريز مورخ ٿامس مٿس تنقيد ڪندي لکيو آهي: ”انھن ٻنھي فتحن کي اعليٰ قسم جون فتحون نہ ٿو سڏي سگهجي، جو اهي فتحون جٽادار ثابت نہ ٿيون.“ هن بنگال تي ٻہ ڀيرا ڪاهيو. پھريون دفعو، 1353ع ۾ حاجي الياس کي سيکت ڏيڻ لاءِ فوج کان سواءِ ٻيڙيون بہ ساڻ ڪيائين. هُن، حاجي الياس کي زندھہ پڪڙڻ جو حڪم ڪيو، پر هُوِ اڪوله جي قلعي ۾ وڃي لڪو. فيروز شاھہ قلعي کي گهيرو ڪيو، پر موسم جي خرابيءَ سبب واپس موٽي آيو. ٻيو ڀيرو 1359ع ۾ حاجي الياس جي وفات کان پوءِ جڏهن هن جو پٽ سڪندر تخت نشين ٿيو. تڏهن بنگال تي ڪاھہ ڪيائين ۽ اڪوله قلعي جي ڀرسان منزل انداز ٿيو. سڪندر قلعي اندر ويھي رهيو، فوج چوڌاري گهيرو ڪيو. اتفاق سان قلعي جو هڪ برج ڪري پيو، انھي موقعي تي فوج اندر داخل ٿي پئي سگهي پر فيروز شاھہ اهڙي اجازت نہ ڏني. هن سمجهيو ٿي تہ فوج اندر گهڙندي تہ وڏي رتوڇاڻ ٿيندي. فيروز شاھہ جي انهي نيڪيءَ جي ڪري سڪندر صلح جي درخواست ڪئي، جيڪا هُن قبول ڪري سندس بنگال جي بادشاھہ هئڻ وارو حق تسليم ڪيو. ان کانسواءِ 1359ع ۾ اڙيسا رياست تي، 1361ع ۾ نگرڪوٽ تي ۽ 1362ع ۾ ٻيھر ٺٽي تي حملو ڪيائين. 1366ع ۾ فيروز شاھہ سنڌ جي سمن حاڪمن کي زير ڪرڻ لاءِ 90 هزار گهوڙي سوار، لاتعداد پيادن سپاهين، 450 هاٿين ۽ 500 ٻيڙين سان ٺٽي تي ڪاھہ ڪئي. سنڌ جي حڪومت ان قت ڄام علاءُ الدين ۽ ڄام صدر الدين جي هٿ هيٺ هئي. اهي ٻئي منگولن سان گڏ ملتان ۽ گجرات جي سرحدن تي حملا ڪندا هئا. انھن بہ مقابلي لاءِ چار لک پيادا سپاهي ۽ ويھه هزار گهوڙي سوار سپاهي تيار ڪيا. فيروز شاھہ سنڌ جي گاديءَ ٺٽي کان ڪجهہ پري منزل ڪئي. ٻنھي فوجن جي وچ ۾ وقت بہ وقت چڪريون ٿينديون رهيون، پر، ڪو فيصلائتو نتيجو نہ نڪتو. ايتري ۾ فيروز شاھہ جي فوج ۾ هڪ وچڙندڙ بيماري پکڙي، جنھن ۾ منو حصو فوج يا تہ مري وئي يا مفلوج ٿي پئي، جنھنڪري مجبور ٿي واپس گجرات ڏانھن موٽيو ۽ رستو ڀلجي فوج سميت ڪڇ جي رڻ پٽ ۾ وڃي نڪتو، جنھنڪري کيس ڪافي نقصان سھڻو پيو. گجرات مان نئين فوج تيار ڪري وري ٺٽي آيو، جتي سنڌي فوج سان مقابلو بہ ٿيس، پر اڃا ڪو فيصلو ٿئي، تيستائين اچ جي مشھور بزرگ سيد جلال شاھہ سرخ پوش بخاري، سنڌ جي ڄامن کي جنگ نہ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. هو ڄام علاءُ الدين ۽ ڄام صدرالدين کي دهليءَ وٺي آيو، حڪومت ڄام تماچيءَ جي حوالي ڪري 1367ع ۾ واپس دهليءَ موٽيو. هن ڪيترائي زرعي سڌارا آندا، واھہ کوٽايا. هو مذهبي خيالن جو ماڻهو هو. هن پنھنجي عھد ۾ ٻہ دفعا مصر جي اسلامي خليفي کان اجازت نامو حاصل ڪيو تہ هندستان ۾ کيس نائب طور تسليم ڪيو وڃي. هن پنھنجي نالي سان گڏ خليفي جو نالو بہ سڪن تي لکرايو. هن عالمن ۽ اميرن سان لاڳاپا بھتر رکيا، ڪيترا ئي مدرسا کوليا، خانقاهن ۽ درگاهن جي مالي مدد ڪيائين. باغن پوکائڻ ۽ نون شھرن ۽ عمارتن ٺھرائڻ جو وڏو شوق رکندو هو. سندس وقت ۾ سپاهين کي سرڪاري خزاني مان پگهار ملندي هئي ۽ ٻيون مراعاتون بہ ملنديون هيون. هي پھريون حاڪم هو، جنھن حڪم ڪڍيو هو تہ ڪو سپاهي جيڪڏهن مري وڃي يا ٻڍو ٿي وڃي تہ سندس جاءِ تي هن جي اهڙي مائٽ کي نوڪريءَ ۾ رکيو وڃي، جيڪو سندس ڪفالت ڪري. 1374ع ۾ سندس وڏو پٽ فتح خان مري ويو، جنھن جو کيس ذهني صدمو رسيو ۽ انھيءَ غم ۾ هن اسي سالن جي عمر ۾ رمضان 790ھہ/ سيپٽمبر 1388ع ۾ وفات ڪئي، جنھن کان پوءِ سندس وڏي پٽ فتح خان جو پٽ غياث الدين تغلق (ٻيو) سندس جانشين مقرر ٿيو.
عيسوي
عيسوي