فيروز پتافي : مير بھرام خان ٽالپر ۽ مير صوبدار خان ٽالپر جي بيگناھہ قتل کان پوءِ جيئن ئي تخت تي ميان غلام نبي ڪلهوڙي کي ويهاريائون تہ راڄو ليکيءَ جي چوڻ تي ميان غلام نبي بيگناھہ حيدرآباد جي قلعي ۾ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي سان گڏ سندس ڀاءُ ميان محمود خان ڪلهوڙي، سندس پٽ ميان مير محمد خان ڪلهوڙي ۽ ميان عطر خان کي قيد ڪيو ۽ ميان عبدالنبي انهن چئني کي قتل ڪرائي ڇڏيو. فيروز پتافي ميان غلام نبي جو سپھہ سالار هو، پر ان کان پهرين اهو ميان سرفراز جي خاص صلاحڪارن مان هو، جڏهن مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر حرمين کان سنڌ ۾ آيو تڏهن مير عبدالله خان ٽالپر، مير فتح علي خان ٽالپر، مير غلام علي خان ٽالپر، مير فتح خان، مير سهراب خان ٽالپر، مير ﷲ يار خان ٽالپر، مير محمود خان ٽالپر، مير ٺارو خان ٽالپر، مير شاد علي خان ٽالپر اچي وٽس حاضر ٿيا ۽ کيس ڪلهوڙن جي ظلم کان آگاھہ ڪيائون، هيڏانهن ميان غلام نبي مير بجار خان سان جنگ ڪرڻ جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو ۽ راڄو ليکي، مير بجار جي اچڻ جو ٻڌي اهڙو تہ خوفزده ٿيو جو هڪدم زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏيائين. ميان غلام نبيءَ سان گڏ جنگ ۾ فيروز پتافي، ﷲ بخش جهنجهڻ، محمد حسن کهاوڙ ۽ ٻيا سپھہ سالار موجود هئا، مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر ۽ ميان غلام نبي جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ هزارين سپاهي قتل ٿي ويا، انهيءَ جنگ ۾ فيروز پتافي وڙهندي وڙهندي ٽالپرن جي بھادر سپاهين هٿان قتل ٿي ويو پر جنگ هلندي رهي، مير بھرام خان جي هڪ وفادار نوڪر يارو موقعو ڏسي جنگ ۾ ميان غلام نبيءَ کي تلوار هڻي قتل ڪري ڇڏيو. فيروز پتافي وڏو بھادر هو، مير بھرام ۽ مير صوبدار خان کي قتل ڪرائڻ وارن جي لسٽ ۾ هن جو پڻ نالو آهي.