فيروز گل

فيروز گل

فيروز گل

فيروز گل (راڳي، موسيقار): ريڊيو ۽ فلم جو مشھور راڳي ۽ موسيقار فيروز گل 16 جون 1943ع تي رحيم بخش شيخ جي گهر حيدرآباد شھر ۾ پيدا ٿيو. هن جو ڏاڏو عارب خان ۽ والد پنھنجي وقت جا مشھور راڳي هئا. هن موسيقيءَ جي تربيت پنھنجي والد کان ورتي. پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ راڳ سان رغبت سبب تعليم مڪمل نہ ڪري سگهيو ۽ 1966ع ۾ کاهي روڊ حيدرآباد ۾ نامياري موسيقار سھيل رانا سان گڏجي ’فيروز رانا‘ نالي موسيقي جو ڪلب کوليائين. هن پنھنجي فني زندگيءَ جو شروعات فلم’رنگ محل‘ جي موسيقي ترتيب ڏيڻ سان ڪيو. هن ڪيترن ئي گلوڪارن ۽ گلوڪارائن کي ريڊيو توڙي ٽي. وي تي متعارف ڪرايو، جن مان ترنم ناز ۽ مھناز وڏو نالو ڪمايو. سندس ڪمپوز ڪيل ڪلام استاد محمد يوسف، نورجهان، عابدہ پروين، وحيد علي ۽ رونا ليليٰ سميت ڪيترن ئي راڳين ڳايا آهن. 1972ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان راڳيءَ جي حيثيت سان وابستہ ٿيو، هن لڳ ڀڳ 22 فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني، جن ۾: رنگ محل، پوتي ۽ پڳ، رت جي راند، پرديسي ۽ پيار، غيرت جو سوال، دريا خان، محبت ۽ مذهب، حيدر خان، پڪار، دونالي، سنڌو جو قسم، اميد، فيصلو ضمير جو، جهڙيون يادگار فلمون شامل آهن. ان کانسواءِ ڪيسٽ ڪمپنين لاءِ بيشمار گيتن جون ڌنون تيار ڪيائين.
ثقافت کاتي پاران شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُرن جي موسيقي ترتيب ڏنائين، جن مان 19 سُر عابدہ پروين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيا. هن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس فني خدمتن عيوض کيس 1986ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، 1987ع ۾ شھباز ايوارڊ ۽ فلم ’پڪار‘ جي بھترين موسيقي ترتيب ڏيڻ تي ايوارڊ سان نوازيو ويو. فيروز گل 14 آڪٽوبر 1996ع تي وفات ڪئي.


لفظ فيروز گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.06.16  عيسوي

ريڊيو ۽ فلم جو مشھور راڳي ۽ موسيقار فيروز گل 16 جون 1943ع تي رحيم بخش شيخ جي گهر حيدرآباد شھر ۾ پيدا ٿيو.


1996.10.14  عيسوي

فيروز گل 14 آڪٽوبر 1996ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اميد علي شاھہ
شبير شاهاڻي
استاد نياز احمد خان
ديبا سحر
عابدہ پروين
خاصخيلي محمد ابراهيم
پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر
پون ڪمار نانڪرام
اسلم راهي
شير شاھہ
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون