
فيض احمد فيض
فيض احمد ’فيض‘: اردوءَ جو جڳ مشھور شاعر، اديب ۽ دانشور فيض احمد فيض 13 فيبروري 1911ع تي سيالڪوٽ جي ننڍڙي ڳوٺ ’ڪالا قادر‘ (هاڻي فيض نگر) ۾، سلطان محمد خان جي گهر ۾ ڄائو. سندس والد هڪ وڪيل هو ۽ افغانستان جي امير عبدالرحمٰن وٽ چيف سيڪريٽري ٿي رهيو. فيض جي والدہ جو نالو فاطمہ هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي والدہ ۽ پاڙي واري مسجد جي خطيب مولانا ابراهيم مير سيالڪوٽيءَ کان حاصل ڪئي. سندن پاڙي جي هڪ حويليءَ ۾ اڪثر ڪري پنڊت راج نارائڻ ارمان مشاعرا ڪرائيندو هو، جن جي صدارت منشي سراج الدين ڪندو هو. منشي سراج الدين ڪشمير جي مھا راجا پرتاب سنگهہ جو منشي ۽ علامہ اقبال جو ويجهو دوست هو. اهڙن مشاعرن ۾ شرڪت ڪندي هن کي ننڍپڻ کان شاعريءَ جو جذبو جاڳيو.
1921ع ۾ اسڪاچ مشن هاءِ اسڪول سيالڪوٽ ۾ داخل ٿيو، جتان هن 1927ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ مري ڪاليج سيالڪوٽ مان علامہ اقبال جي استاد مير مولوي شمس الحق کان فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. 1931ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان انگريزي ۽ پوءِ اورينٽل ڪاليج لاهور مان عربيءَ ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ فيض ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ ۽ سياست ۾ بہ دلچسپي وٺندو رهيو. انھيءَ دور ۾ هن، سجاد ظھير ۽ ٻين روشن خيال ساٿين سان گڏجي انجمن ترقي پسند مصنفين تحريڪ جو بنياد رکيو. 1935ع ۾ محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج امرتسر ۾ انگريزي ادب جو ليڪچرر مقرر ٿيو.
1941ع ۾ سندس شادي لبنان ڄائي برطانوي ڇوڪري ايلس جارج سان سري نگر ۾ ٿي. ايلس تحقيق جي شعبي سان وابستہ هئي ۽ فيض جي شاعري ۽ شخصيت جي وڏي مداح هئي. فيض فوج ۾ ڪئپٽن جي حيثيت سان 1942ع ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ٻي عالمي جنگ ۾، پاڻ کي پري رکڻ لاءِ هن تعلقاتِ عامه واري شعبي جي چونڊ ڪئي. جنرل اڪبر خان جي يونٽ ۾ ماتحت طور ڪم ڪندي، جنرل اڪبر خان جي کاٻي ڌر واري سياسي سوچ جو هن تي تمام گهڻو اثر ٿيو. 1943ع ۾ ميجر ۽ 1944ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيو. پھرين ڪشمير جنگ کان پوءِ فوج جي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي لاهور منتقل ٿيو. 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ’پاڪستان ٽائمز‘ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. ساڳئي سال ترقي پسند تحريڪ جي ٻين ساٿين سجاد ظھير ۽ جلال الدين عبدالرحيم سان گڏ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو بنياد رکيو. اردو اخبار ’امروز‘، هفتيوار رسالي ’ليل ونھار‘ ۽ ’ادب لطيف‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو. ان کان سواءِ فلسطين جي آزاديءَ واري تنظيم جي ترجمان رسالي ’لوٽس‘ جو بہ ايڊيٽر ٿي رهيو، جنھن جي آفيس ان وقت بيروت ۾ هئي. مزدور تحريڪ کي سگهارو بنائڻ لاءِ ڏينھن رات جاکوڙ سبب 1948ع ۾ کيس پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جو صدر چونڊيو ويو. 1948ع کان 1950ع تائين، پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جي وفد جي سربراھہ جي حيثيت سان فرانسسڪو ۽ جنيوا جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيو. 9 مارچ 1951ع تي راولپنڊي سازش ڪيس (لياقت علي خان جي حڪومت خلاف) ۾ سهائتا جي الزام هيٺ کيس گرفتار ڪري چئن سالن تائين، سرگوڌا، ساهيوال، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي جيلن ۾ رکيو ويو. ’زندانِ نامہ‘ جا ڪيترائي نظم، فيض اِن عرصي دوران لکيا. جيل ۾ مٿس ڪافي سختيون ڪيون ويون پر هن همت نہ هاري. وڏي دليريءَ سان جيل جون اذيتون برداشت ڪيون.2 اپريل 1955ع تي آزاد ٿيڻ کان پوءِ خاندان سميت جلاوطني اختيار ڪندي لنڊن ۾ رهائش پذير ٿيو. 1959ع ۾ واپس پاڪستان آيو ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ 1962ع تائين سيڪريٽري ٿي رهيو. 1964ع کان 1972ع تائين ڪراچيءَ جي عبدالله هارون ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. 1962ع ۾ سوويت يونين جو سڀ کان وڏو ’لينن امن ايوارڊ‘ حاصل ڪندڙ هي پھريون پاڪستاني هو. حڪومت پاڪستان طرفان کيس ’نشانِ امتياز‘ سان پڻ نوازيو ويو. 1962ع ۾ هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، جن ۾ روس، لنڊن، سريلنڪا، ڪيوبا، مصر، لبنان، الجزائر ۽ هنگري وغيرہ شامل آهن. فيض جي هڪ فلم ’جاگو هوا سويرا‘ پوري دنيا ۾ شھرت ماڻي ۽ ٻاهرين دنيا جي فلمي صنعت جي توجھہ جو مرڪز بڻي. سندس مشھور تصنيفن ۾ ’نقش فريادي‘، ’دستِ صبا‘، ’زندان نامہ‘، ’دست تہ سنگ‘، ’سر واديءِ سينا‘، شام شھَرِ ياران‘، ’ميري دل ميري مسافر‘ جي نسخه هاءِ وفا (ڪليات) شامل آهن. سندس اهي ڪتاب سندس حڪومت، ثقافت کاتي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، شايع ڪيا. هن 20 نومبر 1984ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي. ثقافت کاتي پاران سندس هڪ سؤ ساله جنم ڏينھن تي سنڌ ميوزيم ڪراچي حيدرآباد ۾ جشن پڻ ملھايو ويو.
1911.02.13 عيسوي
اردوءَ جو جڳ مشھور شاعر، اديب ۽ دانشور فيض احمد فيض 13 فيبروري 1911ع تي سيالڪوٽ جي ننڍڙي ڳوٺ ’ڪالا قادر‘ (هاڻي فيض نگر) ۾، سلطان محمد خان جي گهر ۾ ڄائو.
1984.11.20 عيسوي
فيض احمد فيض 20 نومبر 1984ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.