
فيض بخشاپوري
فيض بخشاپوري: فيض ﷲ ’فيض بخشاپوري‘ خان ولد مصري خان ڊومڪي 1340ھہ/1922ع ڌاري ڳوٺ بخشاپور ويجهو ڪنڌڪوٽ، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن اردو ۾ عالم، اديب جون ڊگريون ورتيون. سندس شاعري علم عروض جي گهاڙيٽي تي ٿيل آهي. هن جي طرز ۽ انداز بيان ٻين شاعرن کان مختلف ۽ نرالو آهي. 1958ع ۾ سندس پھريون شعري مجموعو ’شعلئه عشق‘ ڇپيو، جيڪو اردو ۽ سنڌي ڪلام، غزل ۽ نظم تي مشتمل آهي. جنھن ۾ فارسي آميزش اصطلاح ۽ ترڪيبون گهڻيون ملن ٿيون. جلد ئي سندس ٻيو شعري مجموعو ’جيمخانه فيض‘ بہ شايع ٿيو پر ان کان پھرين مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ بہ سندس شاعري ڇپجندي رهي. سندس ٽيون ڪتاب ’گنجينئه فيض‘ ۽ چوٿون ڪتاب ’سرچشمئه فيض‘ بہ شايع ٿيو. هن کي ضياءُ الحق جي دور 1986ع ۾ صدارتي ايوارڊ بہ مليو. سندس وفات 30 شوال 1411ھہ بمطابق 14 مئي 1992ع تي ٿي. سندس نالي سان قائم ٿيل فيض اڪيڊمي، جيڪب آباد طرفان هر سال سندس ورسيءَ جي تقريب ٿيندي آهي.