فيض محمد بلوچ استاد

فيض محمد بلوچ، استاد: ڪلاسيڪل راڳي استاد فيض محمد بلوچ جو تعلق ٺٽي شھر جي محلي اسلام پور سان هو. پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ ماتا جي بيماريءَ سبب اکين جي نور کان نابين ٿيو. جنھن بعد پنھنجي هڪ دوست جي ڪوشش سان گواليار گهراڻي جي نامور راڳي خانصاحب استاد قدرت خان جي شاگرديءَ هيٺ آيو. جنھن کيس پاڻ سان ڪراچيءَ ۾ رهائش ڏيئي راڳ جي مڪمل سکيا ڏني. سکيا بعد کيس شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي محفلن ۾ ڳائڻ جي اجازت ڏني. استاد فيض محمد خيال، ترانو ۽ ڌرپد وغيرہ وڏي مھارت سان ڳائيندو هو. کيس راڳ جي ٻين انگن تي پڻ چڱي ڄاڻ هئي. پاڻ نابينه هوندي بہ ڪيترن ئي شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏني. اڳوڻي ڊي. آءِ. جي ذوالفقار شاھہ پڻ وٽائنس راڳ جي سکيا ورتي. جڏهن تہ سندن شاگردن مان محمد عثمان ملاح، راجا عبدالرزاق ۽ ٻيا ڪيترائي راڳ جي دنيا ۾ چڱو نالو ڪمائي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو