فيض محمد شيدي

فيض محمد شيدي

فيض محمد شيدي

فيض محمد شيدي: فيض محمد شيدي 05 اپريل 1935ع تي، ڳوٺ مقيم شاھہ، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. ڳوٺ جي اسڪول مان ست درجا فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ نصرپور ۾ قاضي عبدالرحمان جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، پر جلد ئي حيدرآباد ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب وٽ ملازمت تي لڳو. اُتان کان پوءِ حيدرآباد جي هڪ اطالوي جوڙي وٽ سندن گهر ۾ رهڻ لڳو. ورهاڱي سبب ان اطالوي جوڙي سان گڏ اٽلي روانو ٿيو ۽ اتان قدرتي گئس جي شعبي ۾ تربيت وٺي سال کن کان پوءِ واپس ڪراچي آيو ۽ سوئي گئس ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. 1957ع ۾ سندس بدلي ڪراچيءَ کان حيدرآباد ٿي. غريب طبقي سان وابستگي ۽ مزدور هئڻ جي ڪري مزدور تحريڪ، ٽريڊ يونين ۽ هارين جي تحريڪ سان سندس همدردي وڌي. حيدرآباد ۾ رهندي ڪامريڊ اعزاز نذير کيس ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ڪري سندس تربيت ڪئي. ٽريڊ يونين، هاري تحريڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهندي، فيض محمد شيدي پاڪستان جي هر علائقي ۾ ڪم ڪيو. سنڌ جي ٻھراڙين ۾، هارين ۽ لاڏائو قبيلن کي پنھنجن حقن جي ڄاڻ ڏيڻ ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو گذاريو. هن جديد تاريخي گهرجن جي بنياد تي شھيد هوش محمد شيديءَ جي قبر کي ڳولي نہ صرف نروار ڪيو، پر اُن جي مزار جوڙائي هر سال ديھه ناريجاڻي ۾ ورسي ملھائڻ شروع ڪئي. ڪامريڊ حسن ناصر کي، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف هنڌن تي روپوشي واري حالت ۾ لڪائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. ڪميونسٽ پارٽي جي ٽٽڻ کان پوءِ هن شيدين ۾ سجاڳيءَ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ ’الحبش‘ نالي تنظيم جو بنياد وجهي، ڪيترائي اهم پروگرام ڪرايا. سندس يادگيرين تي مبني ڪتاب ’کٿابيءَ کان پرولتاري تائين‘ 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 2003ع ۾ سوئي گئس جي ملازمت تان رٽائر ٿيو ۽ 21 جولاءِ 2016ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. وصيت موجب کيس شھيد هوش محمد شيديءَ جي سندس پاران جوڙايل مزار (ديھہ ناريجاڻي، لڳ حيدرآباد) جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ فيض محمد شيديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو