فيض کوسو

فيض کوسو

فيض کوسو

فيض کوسو: صحافي، فيض کوسي 4 فيبروري 1969ع تي ڳوٺ جهنڊي کوسي، تعلقي حيدرآباد جي زميندار حاجي عبدالحسين کوسي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن گريجوئشن سنڌ يونيورسٽيءَ، ڄامشوري مان ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات اٺين درجي ۾ پڙهڻ دوران آفتاب اخبار جي ٻارن واري صفحي کان ڪئي. هي سنڌ جي پھرين سيٽلائيٽ چينل ’ڪي. ٽي. اين‘ ۽ ’ڪي. ٽي. اين. نيوز‘، پھرين ڊجيٽل ٽي وي چينل ’ٽائيم نيوز‘ ۽ ’پنھنجي اخبار‘ جي ڊجيٽل ويب سائيٽ سان بہ لاڳاپيل رهيو آهي، جن تان هن، حالات حاضره سميت سنڌ جي ثقافت، ٻولي، تاريخ، سياست، سماجيات، پاڻي، ناڻي ۽ ماحوليات سميت ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي تمام گهڻيون ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون، جيڪي مشھور رهيون آهن. پاڻ ڳچ عرصو ’ڪي. ٽي. اين‘ نيوز اسلام آباد جو بيورو چيف بہ رهيو. هن مختلف شخصيتن جي تعارف تي مشتمل ٽي وي رپورٽون ۽ انٽرويوز ڪيا. ڪي. ٽي. اين نيوز ۾ سنڌ جي تاريخ جي موضوع تي لاڳيتو هڪ سئو دستاويزي فلمون ٺاهيون. سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پورهيت طبقي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هن ڪي. ٽي. اين نيوز تان ’خلق خدا‘ جي نالي سان قسط وار خصوصي پروگرام ٽيلي ڪاسٽ ڪيو. ’سنڌ جي وچولي طبعي ڀاڱي جي تاريخ ۽ ثقافت‘ جي عنوان هيٺ 12 قسطن تي مشتمل ڊگهي ڊاڪيومينٽري بہ تيار ڪئي. جمھوريت جي بحالي جي تحريڪ (ايم. آر. ڊي) بابت ڪي. ٽي. اين نيوز تان 16 قسطن تي مشتمل ڊاڪيومينٽري ٺاهيائين ۽ ان جي لاءِ سڄي سنڌ مان معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏ رڪارڊنگ بہ ڪيائين. هن سنڌ ۽ ملڪ جي انوکن ڪردارن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪي. ٽي. اين نيوز تان ’ڪردار‘ پروگرام شروع ڪري، ڪيترن ئي لڪل پر انوکن ڪردارن کي منظر عام تي آندو. هي 1986ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انائونسر ۽ ڪمپيئر جي حيثيت سان پروگرام پيش ڪندو رهيو آهي. ريڊيو تي سندس شروعات ٻارڙن جي پروگرام ’ٻارڙن جي ٻاري‘ کان ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ڪاري ڪڪر هيٺ مون جهيڙيندي ڇڏيا‘ (ايم. آر. ڊي بابت ڪاوش دنيا مئگزين ۾ شايع ٿيل قسط وار مضمون) ۽ ’درد ڪا درياھہ سنڌهو درياھہ‘ (اردو جنگ اخبار، جنگ مڊويڪ ۽ آءِ يو. سي. اين. جي ’جريده‘ ۾ ڇپيل مضمون) شامل آهن. هي دبئي ۽ ڀارت جي مختلف شھرن جو بہ سير ڪري چڪو آهي. هن وٽ سنڌ جي تاريخ ۽ شخصيتن بابت تمام گهڻو مواد گڏ ٿيل آهي. کيس مختلف تنظيمن ۽ ادارن پاران مڃتا ايوارڊ مليل آهن. ڪي ٽي اين نيوز پاران ’بريڪنگ نيوز ايوارڊ‘ بہ مليس. هن وقت روزاني پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جو حيدرآباد لاءِ بيورو چيف آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.04.04  عيسوي

صحافي، فيض کوسي 4 فيبروري 1969ع تي ڳوٺ جهنڊي کوسي، تعلقي حيدرآباد جي زميندار حاجي عبدالحسين کوسي جي گهر ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاويد ڀٽي
حاجي محمود هالائي
سيد سبط حسن
جميل احمد ميمڻ
ظفر علي خان مولانا
حسام سومرو
احمد علي خان
اشفاق آذر
حميد هارون
آصف جيلاني
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون