فينيڪس بوڪس (حيدرآباد): هن ادبي اداري جو بنياد 2007ع ۾ ليکڪا روزينا جوڻيجو ۽ سندس ور ظفر جوڻيجي وڌو. ٻارن لاءِ ڪتابن جي تياري ۽ ڇپائيءَ جي ڏس ۾ هن اداري نوان لاڙا پيدا ڪيا ۽ ٻارن لاءِ ڏاڪي بہ ڏاڪي، عمر وار ڪتابن جي اشاعت ڪئي وئي. هن اداري پاران مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن مان ڪن ڪتابن جا نالا هي آهن: (1) ڌنو شاعر، (2) ڌنو چترڪار، (3) ڌنو موسيقار، (4) رائيٽ برادرس جي آتم ڪٿا، (5) پوپري، (6) ڏاها ٻار وغيرہ. ان کان سواءِ وڏن جي ادب جي ڏس ۾ هيٺيون آتم ڪٿائون ۽ سوانح عمريون ڇپايون ويون: (1) ڊاڪٽر رُٿ فاءِ، (2) سنڌ جي آتما: ساڌو هيرانند، (3) ڊاڪٽر اختر حميد خان، (4) شعيب سلطان خان وغيرہ.