فهد مصطفيٰ

فهد مصطفيٰ

فھد مصطفيٰ

فھد مصطفيٰ: فھد مصطفيٰ 26 جون 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ اداڪار صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. بي فارميسي ۾ داخلا ورتائين پر اداڪاريءَ ڏانھن لاڙو ٿيڻ ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. هن شروع ۾ 1990ع ڌاري فيض ٻگهيي جي سيريل ’باک‘ ۾ ننڍڙي ٻار جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ هن KTN ’ڪارٽون‘ سيريز ۾ اداڪاري ڪئي. جنھن جو ليکڪ ۽ هدايتڪار سندس وڏو ڀاءُ خالد مصطفيٰ هو. اردو ڊرامن ۾ کيس پھريون ڀيرو جيو ٽي. وي تي نور الھديٰ شاھہ جي لکيل ڊرامي ’شیشے کا محل‘ ۾ اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو، ان کانپوءِ ٻين ڊرامن: ’میرے ہمراہی‘، ’کوئی نہیں اپنا‘، ’میرا سائیں‘، ’میں عبدالقادر ہوں‘، ’مستانہ ماہی‘، ’یہ زندگی ہے‘، ’پل صراط‘ ۽ مقبول ترين ڊرامي ’کبھی میں٬ کبھی تم‘ ۾ بہ اداڪاري ڪئي. مشھور فلمن: ’نا معلوم افراد‘ (2014ع)،’ماه مير‘(2016ع)، ’لوڈ ویڈ نگ‘ (2018ع)، ’جوانی پھر نہیں آنی‘(2015ع)، ’قائد اعظم زندہ آباد‘ (2022ع) ۽ ٻين ۾ بہ ادڪاري ڪيائين. کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.


لفظ فھد مصطفيٰھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.06.26  عيسوي

فھمد مصطفيٰ جو جنم 26 جون 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ نامور اداڪار صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي حاجي محمد عالم وڏيرو
تيجورام شرما
ديو اُڌارام ناٿاڻي
پروانو سيوهاڻي
عشرت گل
فيروز شاھہ تغلق
ايگزيڪيوٽو
آذر زوبي
ابراهيم آڌيلو
حُسين بخش عرف حَسڻي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون