فهميده رياض

فهميده رياض

فھميدہ رياض

فھميدہ رياض: اردو ادب جي ناليواري ليکڪا ۽ مترجم فھميدہ رياض جو جنم 28 جولائي 1946ع تي ميرٺ (هندوستان) ۾ هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد رياض الدين احمد هندستان جو معروف تعليمي ماهر هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد سندس خاندان حيدرآباد (سنڌ) ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. هتي، هن ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي ٻولي سکي ۽ سنڌي ادب جو مطالعو پڻ ڪيو. شاگرديءَ واري زماني کان سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهي. 1967ع ۾ شاديءَ کانپوءِ برطانيا وئي، جتي بي. بي. سي اردو سروس سان وابستہ رهي. ڪجهہ عرصي کانپوءِ پاڪستان موٽي آئي. واپس اچڻ بعد ڇپائي گهر (پبلشنگ هائوس) جو بنياد رکيائين، جنھن جي پليٽ فارم تان ’آواز‘ نالي رسالو جاري ڪيائين. ضياءَ الحق جي آمريتي دؤر ۾ حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ سندس ورُ ظفر علي اُڄڻ کي گرفتار ڪيو ويو، جنھن سبب هن کي جلاوطن ٿيڻو پيو. جلاوطنيءَ دوران هندستان هلي وئي، جتي امرتا پريتم جي مدد سان اندرا گانڌي پاران کيس پناھہ ڏني وئي. ستن سالن تائين هندستان ۾ جلاوطن رهڻ کان پوءِ بينظير ڀٽو جي پھرئين حڪومتي دور ۾ پاڪستان موٽي آئي.
فھميدہ رياض پندرهن سالن جي عمر ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس پھريون نظم احمد نديم قاسميءَ جي رسالي ’فنون‘ ۾ ڇپيو، سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ’پٿر ڪي زبان‘، ’خِط مرموز‘، ’گوداوري‘، ’ڪيا تم پورا چاند نہ ديکوگي‘، ’ڪراچي‘ (ناول)، ’گلابي ڪبوتر‘، ’بدن دريده‘، ’ڌوپ‘، ’آدمي ڪي زندگي‘، ’کلي دريچي سي‘، ’حلقہ ميري زنجير ڪا‘، ’اڌورا آدمي‘، ’پاڪستان، لٽريچر اينڊ سوسائٽي‘، ’قافلي پرندون ڪي‘، ’يه خانهءِ آب و گل‘، ’سب لعل و گوهر‘ وغيرہ شامل آهن. کيس شاعريءَ ۾ رواجي اسلوب ۽ روايتي مضمونن کان هٽي، باغي توڙي مزاحمتي شاعرہ ليکيو وڃي ٿو. کيس ترجمي نگاريءَ تي بہ دسترس حاصل هئي، شيخ اياز جي چونڊ ڪلام کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ’حلقہ ميري زنجير ڪا‘ نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کانسواءِ مثنوي مولانا روم جو پڻ اردو ۾ ترجمو ڪيائين. پاڻ پروگريسو رائٽرز وومين جي باني ۽ ’المانتي ايوارڊ‘ حاصل ڪرڻ واري پھرين پاڪستاني شاعرہ هئي. هن طويل بيماري بعد 22 نومبر 2018ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي پاڪستاني حڪومت طرفان کيس ستارہ امتياز ۽ صدارتي ايوارڊ براءِ ادب سان پڻ نوازيو ويو، جيڪو هن جي نياڻي ويرتا وٺڻ کان انڪار ڪيو.


لفظ فھميدہ رياضھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.07.28  عيسوي

اردو ادب جي ناليواري ليکڪا ۽ مترجم فھميده رياض جو جنم 28 جولائي 1946ع تي ميرٺ (هندوستان) ۾ هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو.


2018.11.22  عيسوي

فھميده رياض 22 نومبر 2018ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

التتمش
ڀنڀو شاھہ بادشاھہ
تلوڪ چند ٻيلاڻي ديپ چند راءِ
شھمير خان ڀنگوار
حافظ شفيع محمد محمدي
جواهر لعل نهرو
پرمانند ڀنڊار
قرت العين طاهرہ
شيخ قائم خان خانبهادر
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون