
فهميده شرف بلوچ
فھميدہ شرف بلوچ: شرف بلوچ'>فھميدہ شرف بلوچ 7 اپريل 1980ع تي، پير ڳوٺ، ضلعي خيرپور جي جاگيراڻي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان 1997ع ۾ حاصل ڪئي. 2003ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي. هن 1990ع واري ڏهاڪي ۾، ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون، سندس تخليقون سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. شاعريءَ جي مختلف صنفن: غزل، بيت، ڪافي، وائي، نظم، گيت، ترائيل ۽ ٽيڙو تي طبع آزمائي ڪندي رهي آهي. هن ڪجهہ ڊراما بہ لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’اُماس راتيون اُداس رستا‘ (شاعري: 2016ع)، ’تون ڪٿي آهين‘ (ڪھاڻيون: 2019ع)، ”زندگيءَ“ (ڪھاڻيون: 2020ع) ۽ ‘جدائي‘ (شاعري: 2024ع) شامل آهن
1980.04.07 عيسوي
فھميده شرف بلوچ 7 اپريل 1980ع تي، پير ڳوٺ، ضلعي خيرپور جي جاگيراڻي گهراڻي ۾ جنم ورتو.