فھميده قريشي

فھميده قريشي

فھميدہ قريشي

فھميدہ قريشي: فھميدہ قريشي 26 جولاءِ 1960ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. سندس اباڻو ڳوٺ آخوند ساوڻي ملان، پراڻا هالا آهي. هن جو والد قاضي عبدالرحمان قريشي پھرين برٽش آرمي ۾ هو ۽ پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جي سوِل سروس ۾ ملازم رھيو. والد جي بدلي پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ٿيڻ ڪري ھيءَ بہ انهن شھرن ۾ تعليم حاصل ڪندي رھي. آخر ۾ ميران اسڪول ھيرآباد، حيدرآباد مان انٽر ۽ پرائيويٽ طور سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سوشيالاجي) جي ڊگري حاصل ڪري، سوشل سيڪيورٽي کاتي جي اڪائونٽ شعبي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿي. جتي ترقي ماڻي سوشل سيڪيورٽي آفيسر جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين. سائين جي.ايم سيد ۽ سيد ظفر حسن جي تعليم ۽ تربيت سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿي. ھن 1990ع ۾ لساني فسادن سبب حيدرآباد جي مختلف وسندين مان سنڌي گهراڻن جي بيدخلي خلاف ڀرپور جدوجھد ڪئي. جنھن سبب کيس گرفتار ڪري مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا. ھن انهن ڪيسن کي منھن ڏيڻ سان گڏ بي گهر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ جدوجھد جاري رکي ۽ قاسم آباد ۾ ’سحرش نگر‘ نالي سان وسندي قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي. 1992ع ۾ حيدرآباد ڀرسان پيش آيل ٽنڊي بھاول واقعي خلاف مائي جندو ۽ سندس نياڻين سان گڏ جدوجھد ڪيائين. ان کانسواءِ جبري قيد بڻايل ھارين جي آزاديءَ لاءِ بہ هن جاکوڙيو. فھميدہ قريشي خيرپور واسي ظھور احمد کيمٽيي سان شادي ڪئي. ھن وقت ڄامشوري ۾ رھائش پذير آهي.


لفظ فھميدہ قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو