ڊاڪٽر فهيم شناس ڪاظمي

ڊاڪٽر فهيم شناس ڪاظمي

فھيم شناس ڪاظمي ڊاڪٽر

فھيم شناس ڪاظمي، ڊاڪٽر: استاد فھيم شناس ڪاظميءَ جو اصل نالو سيد فھيم اقبال آهي. 11 مئي 1965ع تي، نوابشاھہ ۾ ڄائو. سندس خانداني نسبت سخي شاھہ رسول ۽ پنجابي صوفي شاعر شاھہ شرف سان ملي ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي (اردو ادب) ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مسلم گورنمينٽ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي پروفيسر جي عھدي تي پھتو. 2015ع ۾ اردوءَ جي مشھور شاعر عزيز حامد مدني جي شخصيت ۽ فن جي موضوع تي مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس اردو شاعريءَ جا 3 مجموعا ’سارا جھان آئينہ هي‘ (1999ع)، ’خواب سي باهر‘ (2009ع)، ’راهداري مين گونجتي نظم‘ (2013ع) ڇپجي چُڪا آهن. هي هڪ سٺو مترجم بہ آهي. هن سنڌي ۽ ٻين ٻولين مان ترجما پڻ ڪيا آهن تہ ڪجهہ ڪتابن کي ترتيب ۽ ايڊٽ بہ ڪيو آهي، جن ۾: ’سنڌ ڪي آواز‘ (جي. ايم سيد جو عدالتي بيان: 2002ع)، ’سارتر ڪي بيمثال افساني‘ (2012ع)، ’سارتر ڪي مضامين‘ (2012ع)، ’تيري عشق ني مالا مال ڪيا هي‘ (صابر ظفر جي گيتن ۽ غزلن جو انتخاب: 2004ع)، ’بوئي گل نالئه دل‘ (شيخ اياز جي شاعري، جلد پھريون: 2010ع)، ’حلقہ ميري زنجير ڪا‘ (شيخ اياز، جلد ٻيو: 2010ع)، ’زان پال سارتر ڪي انٽرويو‘ (2016ع) ۽ ڪليات سارا شگفتہ (2020ع) شامل آهن.
فھيم شناس ڪاظمي صحافت سان بہ لاڳاپيل رهيو آهي. هو سه ماهي ’اجرا‘ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ روزنامه ’جسارت‘ ۽ روزنامه ’قومي اخبار‘ ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. کيس ادبي خدمتن جي اعتراف طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ملي چُڪا آهن، جن ۾: ’آهٽ ايوارڊ‘ (بھترين شاعر: 2003ع)، ’جناح ايوارڊ‘ (بھترين شاعر ۽ نقاد: 2012ع)، ’نشان سڀاس‘ خانہ فرهنگ ايران ڪراچي (2015ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.05.11  عيسوي

استاد فھيم شناس ڪاظميءَ جو اصل نالو سيد فھيم اقبال آهي. 11 مئي 1965ع تي، نوابشاهه ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظھور خان ڀوپنگ نواز
وسيم راجا
شاھہ فيصل
جادوگر
تاجو سامٽيو
راجا جئدرٿ
بابا نيڀراڄ
زينت امان
مراد فقيرسنديلو
علي درويش خطاط
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون