فهيم نوناري

فهيم نوناري

فھيم نوناري

فھيم نوناري: ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ استاد. 4 نومبر 1959ع تي ڳوٺ بھاول نوناري، تعلقي ڪنڌڪوٽ، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حافظ محمد ڪامل آهي. هن سنڌي ۽ انگريزي ۾ ايم. اي (ڊبل)، ايل. ايل بي ۽ ايم فل بہ ڪئي آهي. شروعات ۾ تعليم کاتي ۾ اسڪول جي استاد طور ملازمت ڪئي. ڪجهہ وقت کان پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو، پر جلد ئي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ پھرين انگريزيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ پوءِ ڊپٽي سيڪريٽري، اسٽيٽ آفيسر، ٽرانسپورٽ آفيسر ۽ سنڌ ائڊوائيزري ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو. ملازمت دوران 1994ع ۾ ورلڊ بئنڪ طرفان نيپئر يونيورسٽي لنڊن ويو، جتان هن پرنٽنگ ۽ پبلشنگ ۾ ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪئي.2007ع ۾ ٽيمپل يونيورسٽي آمريڪا مان انگريزيءَ ۾ ڊپلوما ۽ 2007ع ۾ مئڪومب يونيورسٽي شڪاگو مان ايم. ايس/ ايم. فل جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. مختلف ملڪن جي سفرنامن تي مشتمل سندس ڪتاب ’خوابن جي ڊائري‘ جي نالي سان 2015ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.11.04  عيسوي

ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ استاد. 4 نومبر 1959ع تي ڳوٺ بھاول نوناري، تعلقي ڪنڌڪوٽ، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راهب علي لاڙڪ
رڻمل جاڙيجو
انور سومرو 2
جنجهي نور احمد
بھمن
اليعقوبي
حافظ شفيع محمد محمدي
حاجي عبداللطيف شاھہ قادري
درويش دائود 2
شازيه پتافي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون