فهيم نوناري

فهيم نوناري

فھيم نوناري

فھيم نوناري: ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ استاد. 4 نومبر 1959ع تي ڳوٺ بھاول نوناري، تعلقي ڪنڌڪوٽ، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حافظ محمد ڪامل آهي. هن سنڌي ۽ انگريزي ۾ ايم. اي (ڊبل)، ايل. ايل بي ۽ ايم فل بہ ڪئي آهي. شروعات ۾ تعليم کاتي ۾ اسڪول جي استاد طور ملازمت ڪئي. ڪجهہ وقت کان پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو، پر جلد ئي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ پھرين انگريزيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ پوءِ ڊپٽي سيڪريٽري، اسٽيٽ آفيسر، ٽرانسپورٽ آفيسر ۽ سنڌ ائڊوائيزري ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو. ملازمت دوران 1994ع ۾ ورلڊ بئنڪ طرفان نيپئر يونيورسٽي لنڊن ويو، جتان هن پرنٽنگ ۽ پبلشنگ ۾ ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪئي.2007ع ۾ ٽيمپل يونيورسٽي آمريڪا مان انگريزيءَ ۾ ڊپلوما ۽ 2007ع ۾ مئڪومب يونيورسٽي شڪاگو مان ايم. ايس/ ايم. فل جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. مختلف ملڪن جي سفرنامن تي مشتمل سندس ڪتاب ’خوابن جي ڊائري‘ جي نالي سان 2015ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.11.04  عيسوي

ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ استاد. 4 نومبر 1959ع تي ڳوٺ بھاول نوناري، تعلقي ڪنڌڪوٽ، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
حميد عظيم آبادي
حمر شيخ
مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي
بروهي علي احمد
شمس عباسي آپا
گوتم راٺي
جان محمد بلوچ
عبداللطيف عرشي
جيلاني سيد محمد صالح اصغر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون