قائم الدين شاھہ ثاني

قائم الدين شاھہ (ثاني): سيد قائم الدين شاھہ(ثاني) عرف سيد قائم علي شھنشاھہ بخاري ولد سيد اميد علي شاھہ بخاري(اول)، 1225ھہ/1810ع ڌاري نصرپور ۾ ڄائو. خانداني روايتن مطابق سندس جنم سال 1232ھہ/1817ع ۾ ٿيو. مشھور بزرگ سيد اسحاق شاھہ بخاريءَ جي پيڙهيءَ مان هو ۽ هن علم جي حاصلات لاءِ نصرپور جي مڪتب ۾ آخوند محمد حسين ميمڻ وٽ تعليم حاصل ڪئي. تعليم جي حاصلات کانپوءِ هن پنھنجي پاڙي ۾ ديني تعليم ڏيڻ لاءِ مدرسو قائم ڪيو، جتي ڪيترن ئي شاگردن وٽس علم حاصل ڪيو. پاڻ عربي، فارسي، هندي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. سرائڪي ٻوليءَ تي کيس عبور حاصل هو. علم طب ۾ ڪيترن ئي وڏن طبيبن کان تعليم پرايائين.حڪمت ۾ سندس شمار سٺن حڪيمن ۾ ٿيندو هو. هو جو شاعر هو. شاعريءَ ۾’شھنشاھہ‘ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس فارسي شاعريءَ جو بياض ’ديوان شھنشاھہ‘ پونيئرن وٽ محفوظ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ۾ سندس وفات 28 جولاءِ 1901ع ڄاڻائي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو