قائم الدين ڪنڀار

قائم الدين ڪنڀار

قائم الدين ڪنڀار

قائم الدين ڪنڀار: حاجي قائم الدين ولد محمد معروف ڪنڀار جو جنم پھرين مارچ 1941ع تي ڳوٺ وائوڙي طيب ڪوٽريي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو. ننڍي هوندي ئي سندس والد گذاري ويو، جنھن کان پوءِ سندس ڏاڏي پالنا ڪئي. 1948ع ۾ تعلقي ميرپورخاص جي ڳوٺ ميرو مريءَ ۾ اچي رهائش ڪيائون. ميرپورخاص مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد 1961ع ۾ استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران ڪيترن ئي غريب شاگردن جي فيس ڀرڻ سان گڏ ڪتاب ۽ ڪپڙا بہ وٺي ڏيندو رهيو. هن ٻيڙي فقير ڪنڀار سان گڏجي 1960ع ۾ ’پاڪ ڪنڀار جماعت‘ جو بنياد وڌو، جنھن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري رهيو. ان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي علمي ادبي تنظيمن سان سلھاڙيل رهيو. نوڪريءَ سان گڏ تعليم جاري رکندي ايم. اي ۽ بي. ايڊ پڻ ڪيائين. پرائمري اسڪول کاڻ ۾ استاد رهيو. جتان 1988ع ۾ هيڊ ماستر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ هي علمي ۽ سماجي ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم رهيو. سندس ڪالم مختلف سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيا. کيس سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. سندس ڪتاب ’جاڳرتا جاکوڙ‘ 2016ع ۾ ڇپيو. هن 11 اپريل 2016ع تي وفات ڪئي. کيس مصري شاھہ قبرستان کاڻ لڳ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941۔03۔01  عيسوي

حاجي قائم الدين ولد محمد معروف ڪنڀار جو جنم پھرين مارچ 1941ع تي ڳوٺ وائوڙي طيب ڪوٽريي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو.


2016۔04۔01  عيسوي

قائم الدين ڪنڀار 11اپريل 2016ع تي وفات ڪئي. کيس مصري شاهه قبرستان کاڻ لڳ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثاقب منگي
جان محمد بلوچ
آرمسٽرانگ نيل
سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
نکل آڏواڻي
ڄام فيروز سمو
عبدالمجيد نظاماڻي
محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي
پير کٿوريو
صالح حاجاڻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون