
قابل اجميري
قابل اجميري: قابل اجميري جو اصل نالو عبدالرحيم ولد عبدالڪريم هو. ’قابل‘ سندس تخلص هو. سندس والدہ جو نالو گلاب بيگم هو. پاڻ 27 آگسٽ 1931ع تي چُرلي، ضلعي اجمير (راجسٿان) ۾ پيدا ٿيو. قابل جي گهر جي سامھون خواجہ معين الدين چشتيءَ جي درگاھہ هئي. هن پنھنجي جوانيءَ جو وقت ان ئي درگاھہ جي ماحول ۾ گذاريو. هن قوالين ۾ ڳايل مختلف شاعرن جي غزلن ۽ نعتن کي ايترو گهڻو ٻڌو جو کيس برزبان ياد ٿي ويون؛ اهو ئي سندس شاعر بڻجڻ جو ڪارڻ بڻيو. قابل شاعريءَ ۾ خاص ڪري نظم ۽ غزل لکيا آهن. قابل اجميري اردوءَ جو هڪ رومانوي شاعر آهي. هن ننڍي ڄمار ۾ گهڻي شاعري ڪئي. پاڻ ستن ورهين جي ڄمار ۾ هوندو جو سندس پيءُ سِلھه (ٽي. بي) ۾ گذاري ويو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ سندس والدہ ۽ ننڍي ڀيڻ فاطمہ بہ وفات ڪري ويون. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ جنوري 1948ع ۾ هي پنھنجي ڀاءُ شريف سان گڏ سنڌ ۾ اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ سندس ڀاءُ بہ سِلھه سبب دنيا مان هليو ويو. غربت ۽ بيماريءَ جي ڪري 31 ورهين جي قابل اجميري، 3 آڪٽوبر 1962ع تي حيدرآباد شھر ۾ وفات ڪئي. سندس لاڏاڻي کان پوءِ سندس شعري مجموعا ’ديدہ بيدار‘، ’خون رگ جان‘ ۽ ’باقيات قابل‘ شايع ٿيا. ان کان پوءِ ’ڪليات قابل‘ بہ شايع ٿيو.
1931.08.27 عيسوي
قابل اجميري جو اصل نالو عبدالرحيم ولد عبدالڪريم هو. ’قابل‘ سندس تخلص هو. سندس والده جو نالو گلاب بيگم هو. پاڻ 27 آگسٽ 1931ع تي چُرلي، ضلعي اجمير (راجسٿان) ۾ پيدا ٿيو.
1962.10.03 عيسوي
قابل اجميري، 3 آڪٽوبر 1962ع تي حيدرآباد شھر ۾ وفات ڪئي.