قادري طريقو

قادري طريقو: تصوف جي قادري سلسلي جي طريقت جو باني شيخ عبدالقادر بن سيد ابو صالح موسيٰ آهي. هيءُ پھرين رمضان 470ھہ/1078ع ۾ ايران جي علائقي گيلان/جيلان جي هڪ ڳوٺ ’نيف‘ ۾ ڄائو، ربيع الآخر 561ھہ/14 فيبروري 1166ع تي وفات ڪيائين ۽ بغداد جي مدرسہ باب الارج ۾ مدفون آهي. ابتدائي تعليم گيلان مان حاصل ڪري، قرآن پاڪ بہ حفظ ڪيائين. 18 سالن جي عمر ۾ بغداد آيو ۽ اتان جي عالمن ۽ فاضلن کان تعليم حاصل ڪيائين، اُتي فقھھ، حديث، تفسير ۽ عربي ادب پڙهيو ۽ وعظ ۾ امتياز حاصل ڪيو. انهن علمن کان سواءِ علم ڪلام، علم تاريخ، علم اللسان، علم لغت، علم صرف و نحو، علم ادب، علم عروض ۾ بہ دسترس حاصل ڪيائين. پاڻ 5 سالن تائين عراق ۾ سياحت ڪيائين. يارهن سال برج قلعه بغداد ۾ رياضت ۽ عبادت ۾ مشغول رهيو. پوءِ حضرت شيخ ابو سعيد مبارڪ نخرومي جي هٿ تي بيعت ڪيائين، جنھن خرقه ولايت و خلافت عطا ڪيس. هن گهڻيون ئي عبادتون ۽ رياضتون ڪيون. گڏوگڏ شاگردن کي ديني تعليم ۽ روحاني تعليم ڏني. وٽس مختلف شھرن مان علمي مسئلا سلجهائڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو ايندا هئا، جن جا پاڻ هڪدم جواب ڏيندو هو.هن پنھنجي سلسلي جو بنياد مشھور صوفي بزرگ جنيد بغداديءَ (وفات 910ع) جي تعليم تي رکيو. ‘غنيته االطالبين’، ’فتوح الغيب‘ ۽ ’مجالس‘ سندس مکيہ تصنيفون آهن، جن ۾ قادري سلسلي جو تفصيلوار ذڪر آيل آهي. وٽس هر ملڪ ۽ علائقي جا ماڻهو فيض لاءِ جمع ايندا رهندا هئا ۽ پاڻ کين تعليم ۽ تربيت ڏيئي، عالم، فاضل، صالحن ۽ صوفين جي هڪ جماعت تيار ڪيائين، جيڪا مختلف علائقن ۽ ملڪن ۾ پکڙجي ويئي. قادري طريقي جا مبلغ جن ۾ شيخ عبدالقادر جا پٽ بہ شامل هئا، سندس جيئري ئي مراڪش کان هندستان تائين ڦھلجي ويا هئا. شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جا ڏھہ پٽ هئا.
(1) شيخ ابو عبدالله سيد الدين عبدالوهاب (522ھہ/1129ع-25 شوال 593/1197ع).
(2) سيد ابو عبدالرحمان عبدالله (وفات 27 صفر 857ھہ/1191ع).
(3) سيد ابو اسحاق ابراهيم (وفات 25 ذوالقعد 592ھہ/1196ع).
(4) سيد ابوالفرح سراج الدين عبدالجبار (وفات 19 ذوالحج 575ھہ/1180ع).
(5) ابوبڪر تاج الدين عبدالرزاق (وفات 19 ذوالحج 575ھہ/1180ع).
(6) شمس الدين عبدالعزيز (وفات 28 ربيع الاول 602ھہ/1205ع).
(7) ابو نصر ضياءُ الدين موسيٰ (وفات 618ھہ /1221ع).
(8) سيد عبدالرحمٰن شرف الدين عيسيٰ (وفات 12 رمضان 573ھہ/1178ع).
(9) سيد ابوالفضل (وفات ذوالقعد 600ھہ/1204ع)
(10) سيد ابو ذڪريا يحيٰ (وفات 15 شعبان 600ھہ/1204ع).
سندس مٿيان فرزند ٻين بزرگن سان گڏجي مختلف هنڌن تي قادري طريقي جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ پکڙجي ويا. سندس انهن فرزندن مان سيد عبدالرحمان شرف الدين عيسيٰ سنڌ تائين پھتو ۽ هالا ۾ رهي تصوف جي قادري طريقت جي تعليم ۽ تربيت ڏنائين. عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان پوءِ سيد ابو محمد سراج الدين ۽ مخدوم سيد ابو عبدالله محمد غوث گيلاني آيا ۽ اچي تبليغ ڪيائون. سندس ڀاءُ شيخ محمد، جيڪو عبدالقادر جيلانيءَ جو مريد هو، سو بہ سندس حڪم موجب چاليھن خادمن سان سنڌ ۾ پھتو. هن طريقي وارن شروع ۾ سھروردي سلسلي وارن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ مخدوم جھانيان جھان گشت جو خرقو ڍڪايائون، پر پوءِ الڳ پنھنجو طريقو اختيار ڪيائيون. قادري طريقي جو صوفي بزرگ مخدوم سيد ابو عبدالله محدم غوث گيلاني (ولادت 803ھہ/1401ع) بن شمس الدين محمد اعظم (وفات 885ھہ) جوانيءَ جي زماني ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سير و سياحت ڪندو لاهور آيو. پوءِ واپس حلب هليو ويو. والد جي وفات کان پوءِ وري بہ متعلقين ۽ ملازمن سان گڏ خراسان کان ٿيندو ملتان آيو ۽ پوءِ ’اُچ‘ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. هن ننڍي کنڊ ۾ قادري سلسلي کي وڏو زور وٺايو.
قادري طريقي جي انهيءَ مرحلي کان اڳ ۽ مخدوم غوث جي اچڻ کان پوءِ قادري طريقي جا درويش ڏاکڻي سنڌ ۾ پڻ سرگرم رهيا. اهي درويش شيخ علي متقي گجراتيءَ (وفات 1567ع) ۽ سندس خليفي شيخ محمد طاهر پٽنيءَ (وفات 1578ع) جي اثر هيٺ رهيا. ننڍي کنڊ ۾ قادري سلسلي جو مرڪز ملتان رهيو. انهن ملتاني قادري سلسلي جي طريقت جو بزرگ شاھہ عبدالله (وفات 1192ھہ/1778ع) پنھنجي ڀائرن، شاھہ ڪليم ۽ شاھہ عبدالملڪ سان گڏ سنڌ مان ٿيندو هندستان ويو. سنڌ جي صوفي شاعر سچل سرمست جا وڏا (ڏاڏو) خواجہ محمد حافظ عرف صاحبڏنو (ولادت 1101ھہ/1690ع) شاھہ عبدالله جا مريد هئا. شاھہ عبدالله سنڌ کان ٿيندو اجمير شريف پھتو ۽ اُتي وفات ڪيائين. سندس مزار بہ اجمير ۾ آهي. شاھہ ڪليم ۽ شاھہ عبدالملڪ حيدرآباد دکن هليا ويا. شاھہ عنايت شھيد جهوڪ ميرانپور وارو شاھہ عبدالملڪ جو مريد ۽ خليفو رهيو هو.
قادري طريقي جي صوفي بزرگن مان شيخ يوسف الدين (وفات 1442ع)، سيد محمد (وفات 1418ع) ۽ شيخ مخدوم غوث مشھور صوفي بزرگ هُئا، جن سنڌ ۾ اخلاقي ۽ روحاني تعليم ڏيڻ ۾ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان سواءِ لڪياري سادات ۽ مٽياري سيد قادري سلسلي جا اهم صوفي بزرگ هئا، جن جا مدرسا اهم مرڪز هئا. اهڙيءَ ريت ننڍي کنڊ ۾ قادري صوفي سلسلي وارن جو مرڪز توڙي جو اُچ هو، جتان هو هر طرف پکڙيا، تنھن هوندي بہ بلوچستان، بدين، بکر، ٺٽو، نصرپور ۽ سيوهڻ سندن اهم مرڪز هئا. اڄ بہ ڄاڻايل جاين تي سندن مزارون روحاني تعليم جا اهڃاڻ رهيا آهن.


لفظ قادري طريقوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو