قادر بخش مخلص چانڊيو

قادر بخش ’مخلص‘چانڊيو : ناميارو شاعر ۽ اديب قادر بخش ’مخلص‘ ولد صحبت خان چانڊيو، 23 مارچ 1952ع تي ڳوٺ گهنور خان چانڊيي، تعلقي ساماري،ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. بنيادي طور زميندار آهي. سندس شاعريءَ ۾ استاد مشھور عوامي شاعر محمد هوت ’مجرم‘ لغاري هو. قادر بخش ’مخلص‘ 1978ع ۾ٽنڊي جان محمد ۾ ’صائم اڪيڊمي‘ قائم ڪئي، جنهن ’وٺا پٽ پراڻ‘ ڪتاب شايع ڪيو. 1979ع ۾ ’تاج اڪيڊمي جهڏو‘ قائم ڪيائين، جنهن ’ڏونگر ڏک مَ ڏي‘ ڪتاب شايع ڪرايو. هن جي ڪوشش سان ’چانڊيا پبليڪيشن‘ جو بنياد بہ پيو، جنهن طرفان پهريون ڪتاب ’سنيها سرير جا‘ شايع ٿيو. ’چانڊيا ويلفيئر ائسوسيئيشن‘ جو نشر و اشاعت سيڪريٽري، سنڌ ڪلچرل سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ۽ رهبر ادبي سوسائٽي گهنور خان چانڊيي جو رابطا سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.03.23  عيسوي

قادر بخش ’مخلص‘ ولد صحبت خان چانڊيو، 23 مارچ 1952ع تي ڳوٺ گهنور خان چانڊيي، تعلقي ساماري،ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروين موسيٰ ميمڻ ڊاڪٽر
آفتاب نظاماڻي
حڪيم محمد يعقوب قاضي
راشدي مهتاب اڪبر
مرتضيٰ سيال
حشو ڪيولراماڻي
ديپچندر تلوڪچند چندر
ڄيٺواڻي هريڪانت
پدم راج شرما
الياس سيتا پوري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون