قادر بخش نظاماڻي

قادر بخش نظاماڻي

قادر بخش نظاماڻي

قادر بخش نظاماڻي: قادر بخش نظاماڻي 23 فيبروري 1914ع تي، ٽنڊي قيصر ۾ ڄائو. سندس والد هڪ ديندار ۽ عالم شخص هو. سندس خاندان مولانا عبيدالله سنڌي ۽ امين کوسي جي سياسي فڪر کان تمام گهڻو متاثر هو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ديني علم لاءِ ’دارالارشاد‘ مدرسي ۾ داخل ٿيو. آزاديءَ واري تحريڪ سبب مدرسي ۾ سامراج دشمني، طبقاتي جبر ۽ مزدورن جو استحصال ڪندڙ قوتن خلاف نفرت وارن جذبن ۽ روس ۾ پورهيت انقلاب جو مٿس ننڍي هوندي کان ئي اثر ٿيو. هي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ڪاليج ۾ پڙهڻ بدران ڏيڍ سال تائين، ماسڪو جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. 1930ع ۾ ملازمت ڇڏي ڪانگريس جي سول نافرماني واري تحريڪ ۾ عملي طور حصو وٺندي، 16 سالن جي عمر ۾ جيل ويو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ بہ ڪانگريس ۾ شامل رهيو، پر ڪميونزم جي ڪشش کيس کاٻي ڌر جي سياست جو حصو بڻائي ڇڏيو. ڀڳت سنگهہ جي شھادت، ’ڪانپور سازش‘ جي تفصيل ۽ اُن ۾ ڪميونسٽ اڳواڻن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. لاهور ۽ امرتسر جي ڪميونسٽ اڳواڻن سان سندس ملاقاتن جو سلسلو بہ جُڙيو، جن ۾ عبدالله صفدر قابل ذڪر هو، جنھن ڏهن سالن تائين، ماسڪو جي ڪميونسٽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو هو. 1933ع ۾ بلوچستان جي مشھور سوشلسٽ اڳواڻ يوسف عزيز مگسيءَ، محمد حسين عنقا، قاضي داد محمد، امين کوسي، خان عبدالصمد اچڪزئي ۽ ٻين اڳواڻن سان سندس ملاقاتون ۽ مٿس اثر ٿيا. سوويت يونين ۾ سوشلسٽ نظام ڏسڻ جي خواهش سبب مارچ 1934ع ڌاري، زيارتن جي بھاني ايران کان ٿيندو، پھرين ترڪمانستان، اشڪ آباد ۽ پوءِ ماسڪو پھتو. اُتي سندس پڙهائيءَ جو بندوبست ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت آگسٽ 1935ع تائين پورهيتن جي ڪميونسٽ يونيورسٽيءَ ۾ بنيادي مارڪسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هو ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۾ ٽريڊ يونين جي باري ۾ وڌيڪ سکڻ لاءِ ’لينن گراڊ‘ پھتو. واپسيءَ تي هڪ ئي وقت ڪراچي ٽريڊ يونين ۽ هاري تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو. 1936ع ۾ حيدرآباد ويجهو ’هاري ڪانفرنس‘ ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ سرگرم رهيو.
1937ع ۾ سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو بنياد رکيو ويو. جنھن ۾ امين کوسو ۽ ٻيا بہ هن سان گڏ هئا. هڪ سال کان پوءِ غوث بخش بزنجو ۽ محمد حسين عنقا بہ پارٽيءَ جو حصو ٿيا. پاڻ هن پارٽيءَ جو پھريون سيڪريٽري چونڊيو ويو. تڏهن سنڌ مان بلوچستان ۾ هي پارٽي سرگرم رهي ۽ نالي وارا سياستدان هن پارٽيءَ سان سلھاڙيل رهيا.
صحافتي حوالي سان، هفتيوار سنڌي اخبار ’آزاد‘ (ايڊيٽر: محمد امين کوسو)، ’الوحيد‘، هفتيوار ’آزاد سنڌ‘ (سنڌي) ۽ ماهوار سنڌي رسالي ’اڄڪلھہ‘ ۾ بہ مختلف وقتن تي ڪم ڪندو رهيو. هن 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سنڌيءَ ۾ هفتيوار ترجمان رسالو ’صداقت‘ جاري ڪيو، جيڪو ڇھن مھينن کان پوءِ بندش هيٺ آيو. 1971ع ۾ هفتيوار سنڌي اخباراخبار وطن‘ جاري ڪيائين. 1973ع ڌاري لنڊن مان چئن سالن تائين ماهوار انگريزي رسالو ’پيپلز فرنٽ‘ جاري ڪيائين. 1978ع ۾ ’پيپلز فرنٽ‘ جي ساڳئي نالي سان اردوءَ ۾ پڻ ماهوار رسالو جاري ڪيائين. هن 80-1979ع ۾ ’نداءِ بلوچستان‘ جي نالي سان لنڊن مان اردو رسالو جاري ڪيو. 86-1985ع ۾ ماهوار رسالي ’آزاد بلوچستان‘ جو بہ ايڊيٽر ٿي رهيو. ’مياڻي جي جنگ‘، ’لطف جي ڊائري‘ ۽ ’سير سفر‘ سندس مشھور ڪتاب آهن.
1941ع ۾ آل انڊيا سينٽرل ڪميٽي سندس پارٽي رُڪنيت ختم ڪئي. ان کان پوءِ هو عملي طور ڪڏهن بہ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ فعال نہ رهيو، جيتوڻيڪ سندس رڪنيت بحال پڻ ڪئي وئي هئي. 44-1943ع ۾ بلوچستان لڏي ويو ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندي افغانستان پھتو ۽ بلوچستان جي پھرين سياسي تحريڪ ۾ شامل رهيو. 1953ع کان 1969ع تائين سوويت يونين جي سفارتخاني جي اطلاعاتي دفتر ۾ ملازمت ڪيائين. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ بلوچ شاگردن جي سرگرمين سان گڏ رهيو، بلوچ شاگردن جي خفيہ سياسي تنظيم جي قيام ۽ بلوچ سياست جي حمايت سبب مارچ 1973ع ۾ کيس ملڪ ڇڏي لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪرڻي پئي. 1975ع ۾ جڏهن سنڌ بلوچ پشتون فرنٽ جو بنياد رکيو ويو تہ هي بہ ان ۾ شامل رهيو. هن 27 سيپٽمبر 1996ع تي لنڊن ۾ وفات ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي ميوا شاھہ قبرستان ۾ دفن ٿيو. سندس اولاد ۾ دوستين بلوچ، طاهرہ ۽ شھناز شامل آهن.


لفظ قادر بخش نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.02.23  عيسوي

قادر بخش نظاماڻي 23 فيبروري 1914ع تي، ٽنڊي قيصر ۾ ڄائو.


1996.09.27  عيسوي

قادر بخش نظاماڻي 27 سيپٽمبر 1996ع تي لنڊن ۾ وفات ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاراشر
پير بخش عالماڻي
زھرہ شيرازي
غلام حيدر صديقي 2
سنت سُروپداس
شيخ محمد حاجن پروفيسر
برڪت علي خان
پنهور منظور علي خان
دريا خان شنباڻي
رائچند هريجن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون