ڀٽي، قادر بخش مولانا

ڀٽي، قادر بخش مولانا

قادر بخش ڀٽي مولانا

قادر بخش ڀٽي، مولانا: مولانا قادر بخش ولد شفيع محمد ڀٽيءَ، آڪٽوبر 1919ع ڌاري ميرپور ڀُٽي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ديني تعليم ۽ سنڌي فائنل پنھنجي ڳوٺ مان پاس ڪيائين. ايمانداريءَ ۽ عام ماڻهن سان سٺي ورتاءَ سبب سندس نانءُ ۽ نيڪي پوري ڳوٺ ۾ هئي، جنهن سبب سندس ڳوٺ جي زميندار، نامياري سياستدان نواب نبي بخش خان ڀُٽي پنھنجي پٽن جي سار سنڀال جو ڪم سندس حوالي ڪيو. نواب صاحب جا پٽ ممتاز علي خان ڀٽو، حاجي معشوق علي خان ڀٽو، حاجي عاشق علي خان ڀٽو ۽ غلام مصطفى خان ڀٽو اُن وقت گڏيل هندستان جي شھر جهونا ڳڙھہ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، ان ڪري مولانا قادر بخش ڀٽيءَ جهونا ڳڙھہ ۾ رهي کين قرآن شريف جي تعليم ۽ ديني تعليم سان گڏ سندن پرگهور لھڻ جي ذميواري بہ نڀائي ۽ نواب صاحبن جو سونپل ڪم نهايت خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ڏنو. مولانا ڀٽي 1924ع ۾ هندستان کان واپس سنڌ آيو، جتي نواب نبي بخش خان ڀُٽي کيس پنھنجي ڪارخاني ۾ منشي مقرر ڪيو، ڪجهه سالن کان پوءِ ڪپڙي جو دڪان کوليائين. 1950ع ۾ خانبهادر احمد خان ڀٽي سندس ايمانداري ۽ شرافت جي هاڪ ٻڌي کيس ملازمت جي آڇ ڪئي، جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ مستقل طور نئين ديري لڏي آيو. مولانا قادر بخش ديني عالم، پرهيز گار، ايماندار ۽ صوم صلواة جو پابند هو سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر عبدالغفار ’تبسم‘ سندس فرزند آهي. مولانا قادر بخش ڀٽيءَ 28 فيبروري 1971ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو