قادر پورشھر

قادر پور (شھر ): هي آڳاٽو شھر، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾، گهوٽڪي شھر کان 10 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن شھر تي قادرپور نالو، سيد محمد غوث اُچ شريف واري جي خاندان جي شخص سيد عبدالقادر جي پويان پيو، جنھن کي هن علائقي ۾ جاگير مليل هئي. سندس جاگير واري ديھه جو نالو بہ قادرپور آهي. ايشيا جي تمام وڏي گئس فيلڊ بہ هتي آهي، جيڪا مارچ 1990ع ۾ دريافت ٿي، جنھن جو افتتاح شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ڪيو. گئس جي نڪرڻ کان پوءِ هن شھر تڪڙي ترقي ڪئي آهي. ماضيءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي آبادي هڪ جيتري هئي. هندو مسلم فساد ٿيڻ کان پوءِ، هندن شھر ۾ پنھنجي آبادي واري علائقي کي ڪوٽ ڏياريو، جنھن کي 9 دروازا هئا، جيڪو ڪوٽ اڄ بہ موجود آهي. شھر ۾ 200 سال پراڻي جامع مسجد بہ آباد آهي، شھر جي آدمشماري 15000 جي لڳ ڀڳ آهي. شھر ۾ بجلي، پاڻي، روڊ، اسڪول، ٽپال گهر، پوليس ٿاڻي ۽ اسپتال سميت ٻيون بنيادي سھولتون ميسر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو