قادو مڪراني

قادو مڪراني

قادو مڪراني

قادو مڪراني: انگريزن خلاف بغاوت ڪندڙ قادو مڪرانيءَ جو اصل نالو قادر بخش رند بلوچ آهي. سندس جنم مڪران، بلوچستان جي خواش واري علائقي ۾ ٿيو. مڪران جي نسبت سان مڪراني مشھور ٿيو. انگريزن جي بلوچستان تي قبضي ۽ ڏڪار سبب سندس خاندان لڏي وڃي جهونا ڳڙھہ ۾ رهائش پذير ٿيو. جهونا ڳڙھہ جي علائقن ڪاٺياواڙ، ڪڇ، گجرات ۾ بہ انگريز سرڪار مقامي نوابن ۽ سردارن سان ملي غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. ماڻهن پنھنجي حفاظت لاءِ هٿياربند نوجوانن جا جٿا تيار ڪرڻ شروع ڪيا، تہ انگريز عملدار اسڪاٽ همفري ناراض ٿي، گهرن جي سروي جي بھاني قادوءَ جي مامي علي محمد جي ڳوٺ ’انڙاج‘ تي چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن کي هٿيار جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، پر جواب ڏيڻ تي انگريز سرڪار مٿن ويتر ڏمرجي پئي. جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ قادوءَ سميت ٻين ڪيترن ئي نوجوانن الڳ الڳ ويڙهاڪ جٿا تيار ڪيا، جن جهونا ڳڙھہ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ ۾ انگريز حڪمرانن ۽ انھن جي ساٿارين سان ويڙھہ ڪئي. قادو مڪراني نوابن ۽ شاهوڪارن کي ڦري، غريبن ۾ ورهائيندو هو ۽ انھن جي نياڻين جون شاديون ڪرائيندو هو. هن لاءِ اها ڳالھہ بہ مشھور هئي ته، هُو انگريزن جو ساٿ ڏيندڙن کي مارڻ بجاءِ انھن جا نڪ ڪپي ڇڏيندو هو. هن جهونا ڳڙھہ ۾ هڪ آزاد علائقو قائم ڪيو، جتي انگريزن جي ستايلن کي پناھہ ملندي هئي.14 آگسٽ 1844ع تي قادو ۽ سندس ساٿين جو انگريزن سان وڏو مقابلو ٿيو، جنھن ۾ سندس مامو علي محمد ۽ ٻيا ڪيترائي ساٿي مارجي ويا. جنھن بعد هن پنھنجي فوج ٺاهي گوريلا ويڙھہ جو اعلان ڪيو ۽ ڀال پور ڳوٺ ويجهو انگريزن جي فوج تي حملو ڪري ٻن انگريزن کي ماري وڌو، انگريزن قادوءَ جي حملن جي ڪري 20 هزار رپيا ۽ 20 ايڪڙ زمين سندس سر جي قيمت رکي. جنھن بعد قادو دوستن جي مشوري سان ڪجهہ ساٿين سميت ڪاٺياواڙ مان نڪري پھرين احمد آباد ۽ پوءِ سنڌ آيو. سنڌ ۾ ڪراچي بندر تي سخت نگراني هئڻ ڪري، ملير جي اولڊ ٿاڻي واري علائقي ۾ پھتو، جتان هڪ اُٺ ڀاڙي تي وٺي ڪراچيءَ جو رُخ ڪيائين، جتي سندس گهر واري پراڻي لياريءَ ۾ ترسيل هئي. قادو ڪراچيءَ جو واقف نہ هو ۽ اوٺار کيس سڃاڻي ورتو هو، جنھن انعام جي لالچ ۾ ٻيو اٺ ڪرائي تي ڪرائي ڏيڻ بھاني بغدادي پوليس اسٽيشن جي ڀرسان اُٺ کي روڪي وڃي پوليس کي اطلاع ڏنو. جڏهن هو هڪ سپاهي کي وٺي ويجهو پھتو تہ قادو همت ڪري، پنھنجي خنجر سان ٻنھي کي ماري وڌو ۽ ساٿين سميت اتان ڀڄي نڪتو، پر پوليس اعلان ڪيو تہ هو ڌاڙيل آهي. گل محمد لين واري علائقي ۾ پھتو تہ ديوار جو ڪم ڪندڙ هڪ مزدور کيس ڌاڙيل سمجهي، پٿر هڻي زخمي ڪري وڌو، جنھن بعد پوليس کيس ساٿين سميت گرفتار ڪيو ۽ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو. انگريز سرڪار مٿس ڪيس هلائي موت جي سزا ٻڌائي. اهڙيءَ طرح هن بھادر انسان کي 1887ع ۾ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ ڦاهي تي چاڙهيو ويو. سندس لاش لياريءَ جي معزز شخص فقير محمد درا وصول ڪيو ۽ لياريءَ جي مشھور ميوا شاھہ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ قادو مڪرانيءَ کي ’اوڀر جو رابن هُڊ‘ چيو ويندو آهي. 1960ع ۾ هندستان ۾ منھار رانگلداس ڪپور هڪ گجراتي فلم ’بھاروٽيو قادو مڪراني‘ ٺاهي هئي. ڪراچيءَ ۾ بہ قادو مڪرانيءَ تي هڪ فلم ’جاگ اُٺا انسان‘ جي نالي سان ٺاهي وئي هئي، جنھن ڪراچيءَ ۾ ’پلاٽينيم جوبلي‘ پڻ ڪئي.


لفظ قادو مڪرانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو