قاسماڻي: سنڌ جي ڪيترن ئي ذاتين ۽ قبيلن ۾ قاسماڻي نالي پاڙا آهن. جيڪي قاسم نالي جي نسبت سان ’قاسماڻي‘ سڏجن ٿا: گورچاڻي بلوچ قبيلي جي هوتواڻي پاڙي، جتوئين جي شر قبيلي، سماراڻي چانڊين، بگٽين جي راهيجا پاڙي، سڌاين، سھندڙن، ڪلوڙن، پنجي ڀائي خوجن، سنجواڻي ۽ نوحاڻين لاشارين جي مڇر قبيلي ۾ قاسماڻي پاڙا آهن.