قاسم جو کوھہ

قاسم جو کوھہ (ماڳ): هي آڳاٽو ماڳ راڄي ديري کان اٽڪل اڍائي ڪلوميٽر اُڀرندي پاسي، تعلقي خيرپورناٿن شاھه، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. جتي قاسم نالي ماڻهوءَ هڪ کوھہ کڻايو، جنھن ڪري اهو قديم ماڳ قاسم جو کوھہ جي نالي مشھور ٿيو آهي. قاسم جڏهن هن ماڳ تي اهو کوھہ کڻايو تہ 12 فوٽن جي گهرائيءَ تي اٽڪل ڏيڍ فوٽ قديم ٺڪرين جو تھه مليو، جنھن ۾ بيشمار ٺڪرين سان گڏ پٿر بہ استعمال ٿيل آهن. ٺڪريون گهڻو ڪري ميرڙي ميٽوڙي رنگ جي مٽيءَ مان ٺھيل آھن، پر ڪن ٺڪرين تي ڪاري رنگ سان مختلف نمونن جا نقش ٺھيل آھن. ڪي ٺڪريون ھلڪي گلابي رنگ جون بہ ملن ٿيون. ھن ماڳ جي چوڌاري ڪجهہ ٻيا ماڳ بہ آھن. ھڪ ماڳ ڳوٺ جي اوڀر ۾ گاجوٺي نالي سڪل وھڪري جي اُڀرندي ڪنڌيءَ تي آھي. ٻيو ماڳ ڪوھھ کن پنڌ تي ڏکڻ اوڀر ۾ وانر پير نالي قبرستان ۾ آھي. اھي سڀ ماڳ سنڌو سڀيتا واري دور سان تعلق رکن ٿا. قاسم جي کوھه تان مليل ٺڪراٺو راڄيديري جي ڀر ۾ موجود ٻين ماڳن جو سھيوڳي پڻ آهي. ھڪ ٺڪريءَ تي وڏي اک واري ڍڳي جي شڪل جي ڪري ڪلي ڪلچر سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ڪلي ماڳ ڏکڻ بلوچستان ۾ آھي. ڪلي ڪلچر جا ڪي اھڃاڻ ماڙي کڙ وغيرہ ۾ مليا آھن. جن جو ذڪر مجمدار پڻ ڪيو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو