قاسم حيدر سمون

قاسم حيدر سمون

قاسم حيدر سمون

قاسم حيدر سمون: قاسم حيدر سمي 10 جنوري 1955ع تي جوڻ، تعلقي ٽنڊي غلام حيدر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ غلام حيدر سمي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن صحافتي زندگيءَ جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ دوران ڪئي. سنڌالاجي ڄام شورو ۾ بہ ڪم ڪيائين. 1998ع ۾ روزاني ’سوال‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر بہ رهيو. 1974ع کان 1986ع تائين هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تي اسڪرپٽ رائيٽر، ڪمپيئر ۽ نيوز ايڊيٽر طور بہ خدمتون سرانجام ڏنيون، هن اسٽيج ڊراما رائيٽر ۽ ڊراما آرٽسٽ طور پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، بدين جي لاڙ ميوزيم جو انچارج پڻ رهيو. علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو پروڊيوسر طور ڪم ڪيائين. علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پروڊيوسر، سينيئر پروڊيوسر، ڊپٽي ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. 1993ع کان 1996ع تائين وزير اعظم پاڪستان محترمہ بينظير ڀٽو جون تقريرون لکڻ جو ڪم پڻ ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.01.10  عيسوي

قاسم حيدر سمي 10 جنوري 1955ع تي جوڻ، تعلقي ٽنڊي غلام حيدر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ غلام حيدر سمي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سُکومل باگاڻي
آنند هندوجا
جارج برنارڊشا
اختر ڪاڪيپوٽو
ارجن داس
پَشتون
ڄام گوڙجي(اول)
قاضي نظر محمد
شاڪر علي شاھہ
ڪاڪ فريد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون