قاسم سنڌي پاٽائي : شيـخ قـاسم سـنڌي بن شيخ يوسف محدث پاٽائي ، شيخ طاهر محدث جو ننڍو ڀاءُ ۽ وقت جي وڏي عالم ۽ صوفي شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ جو والد هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي والد ۽ شيخ شھاب الدين سنڌيءَ وٽان حاصل ڪئي ۽ بيعت شيخ بهاءُالدين کان ورتائين، ڇاڪاڻ تہ اهو بزرگ ڏهين صدي هجريءَ ۾ شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جو جاءِ نشين هو. هن ۾ تقويٰ، توڪل، زهد ۽ تصوف جون صفتون موجود هيون. سندس فرزند شيخ عيسيٰ کان بيان آهي تہ: ”منهنجي اڃا هوش سنڀالڻ جو زمانو ئي نہ آيو هو جو پاڻ (منهنجو والد) وفات ڪري ويو ۽ مون پنھنجي والد جي دوستن کان ٻڌو هو تہ توحيد، خدا شناسي ۽ تصوف جي نظريي جي ڄاڻ بابت ماڻهو سندس تعريف ڪندا هئا.“ شيخ قاسم جي وفات جي تاريخ نہ ٿي ملي، هڪ اندازي مطابق سندس وفات اندازاً 968 ھہ/ 1560ع ۾ ٿي هوندي. سندس مقبرو برهانپور ۾ آهي.