
ڊاڪٽر قاسم سوڍر
قاسم سوڍر، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر قاسم سوڍر ڳوٺ اشرف سوڍر، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. هن بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي بين الاقوامي تعلقات International Relations شعبي ۾ ڪري، قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان (NIPS) National Institute of Pakistan Studies منجهان 2013ع ۾ ماسٽرس ڪئي. ان کانپوءِ ساڳئي يونيورسٽيءَ مان آگسٽ 2016ع ۾ ايم فل ڪيائين. هن اسڪالر شپ تي چين جي شنگهائي يونيورسٽيءَ مان 2019ع ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. ان کانپوءِ اسلام آباد ۾ (NUML) National University of Modern Languages ۾ بطور ليڪچرار ٿيو. 2020ع جي آخر ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان تازي پي ايڇ. ڊي ڪندڙن لاءِ هلندڙ پروگرام (IPFP) Interim Placement of fresh PhDs قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ بطور ’IPFP Fellow‘، مقرر ڪيو ويو. اتي اڍائي سال پڙهائڻ کانپوءِ آڪٽوبر 2022ع ۾ سکر جي اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊزائن اينڊ هيريٽيج ۾ بطور اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي هن وقت هو اسسٽنٽ پروفيسر هئڻ سان گڏوگڏ ڊپارٽمينٽ آف هسٽري اينڊ پاڪستان اسٽڊيز جي چيئرمين ۽ فيڪلٽي آف هيريٽيج جي سربراھہ طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ڊاڪٽر قاسم سوڍر شاگرديءَ واري دؤر کان خاص ڪري سياسي ۽ سماجي موضوعن تي لکندو رهيو آهي. سندس لکڻيون مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. هن جا 2 ڪتاب ’فيمنزم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد‘ ۽ ’شاگرد سياست: پاڪستان ۾ شاگرد مزاحمت جو تاريخي جائزو‘ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر قاسم ڏيھي پرڏيھي ملڪن جي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿي، تحقيقي مقالا پيش ڪري چڪو آهي.