قاسم پوٽا

قاسم پوٽا: قاسم پوٽا اصل ۾ ملاح آهن. مغل بادشاھہ اڪبر جي دور ۾ هن طرفان محمد قاسم خان ميربحر ڪابل جو رکوالو هو، جنھن جي هڪڙي پٽ جو نالو هاشم خان هو. هاشم خان جي پٽن پاڻ کي ڏاڏي جي نسبت سان ’قاسم پوٽا‘ سڏايو. هن ڪيڙ جا ماڻهو اڄ بہ سنڌ ۾ موجود آهن.


لفظ قاسم پوٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو