
قاسم ڪيهر
قاسم ڪيهر: قاسم ڪيھر جو پورو نالو غلام قاسم آهي. هن 12 جنوري 1969ع تي، ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ فقير احمد بخش ڪيھر جي گهر ۾ جنم ورتو. شاھہ لطيف يونيورسٽي، خيرپور مان گريجوئيشن ڪيائين. تعليم پوري ڪري، 1989ع کان انفرميشن کاتي ۾ ملازمت سان لڳو. قاسم ڪيھر 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، هن عالمي ادب جا ڪيترائي سنڌيءَ ۾ ترجما بہ ڪيا آهن. قاسم ڪيھر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۽ هاڻ ايف ايم 105 تي ڪمپيئر طور ڪم ڪندو رهيو آهي. قاسم ڪيھر اخباري ڪالم ۽ مضمون بہ لکندو رهيو آهي.
1969.01.12 عيسوي
قاسم ڪيھر جو پورو نالو غلام قاسم آهي. هن 12 جنوري 1969ع تي، ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ فقير احمد بخش ڪيھر جي گهر ۾ جنم ورتو.