
قاضي آصف
قاضي آصف: قاضي آصف جو پورو نالو آصف علي ولد رجب علي جوڻيجو آهي. هن 04 جنوري 1965ع تي ڳوٺ کاهي مينھين، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو. هن شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي. 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترن ئي پروگرامن جو ميزبان رهيو. 1984ع ۾ هن ’ٽرٿ ايڪسپينڊيئرس‘ فورم ڏوڪري ۽ ’ڏاهپ پبليڪيشن‘ ڏوڪريءَ جو بنياد وڌو ۽ مختلف ڪتاب ڇپرايا. قاضي آصف بوسٽن يونيورسٽي آمريڪا طرفان ’سنڌ جي زرعي جوڙ جڪ‘ تي تحقيقي ڪم ۾ حصو ورتو. 1988ع ۾ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي هن صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ اردو اخبار ’جنگ‘ ڪراچيءَ جو نمائندو مقرر ٿيو، 1992ع ۾ قاضي آصف پي. ٽي. وي ڪراچيءَ جا ڪيترائي دستاويزي پروگرام بہ ٺاهيا. پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچيءَ ۾ بہ ڪم ڪيائين. هن’ڊان‘ گروپ ڪراچيءَ جي روزاني ’اسٽار‘ ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ 1995ع ۾ ’فرنٽيئر پوسٽ‘ جي بيورو چيف طور لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ’اڄ جي سنڌ‘ (ترتيب - 1984ع) ’ٻارڙن جون ڪھاڻيون‘ ( 1987ع) ۽ ’ڀٽو ڦِر مارا گيا‘ (اردو: ترتيب - 1996ع ) قابل ذڪر آهن.
1965.01.04 عيسوي
قاضي آصف جو پورو نالو آصف علي ولد رجب علي جوڻيجو آهي. هن 04 جنوري 1965ع تي ڳوٺ کاهي مينھين، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو.