
پروفيسر قاضي آصف
قاضي آصف، پروفيسر: آصف علي جي. قاضي 01 جولاءِ 1945ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان فزڪس، رياضي ۽ ڪيمسٽري ۾ بي. ايس. سي (آنرز) ۽ رياضيءَ ۾ ايم. ايس. سي ۽ ايم. فل ’دي يونيورسٽي آف ليڊز، برطانيہ‘ مان 1973ع ۾ ڪئي. آدم جي سائنس ڪاليج، ڪراچي (1966ع) ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي (68-1967ع) ۾ بطور استاد پڙهايائين. ان کان پوءِ رياضي ۽ شماريات شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ (70-1968ع)۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ليڊز يونيورسٽيءَ مان پيور ميٿميٽڪس ۾ ايم. فل ڪيائين، ان کان سواءِ رائس مِل ڪارپوريشن، پاڪستان، تعليم کاتي، سنڌ ۽ سماجي و ٻھراڙي بھبود کاتي، سنڌ سان بہ سلھاڙيل رهيو. هن، رياضي ۽ شماريات شعبي جي چيئرمئن ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس (IMCS)، ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز طور پڻ ڪم ڪيو. ان کان علاوہ سنڊيڪيٽ، بورڊ آف اسٽڊيز ان ميٿميٽڪس، ڪراچي يونيورسٽي ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو ميمبر رهڻ سان گڏ رٿابندي ۽ ترقي کاتي جو ڪوآرڊينيٽر پڻ رهيو. سنڌ يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن ۽ آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف تنظيم جو ڳچ عرصو صدر رهيو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 2019ع ۾ گولڊ ميڊل پڻ حاصل ڪيو.
1945.07.01 عيسوي
آصف علي جي. قاضي 01 جولاءِ 1945ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.