قاضي ابو محمد جو مدرسو

قاضي ابو محمد جو مدرسو: منصوره ۾ پنجن اهم مدرسن جو ذڪر ملي ٿو، انھن ۾ ابو محمد عبدالله بن جعفر بن سرت منصوري المقري جو مدرسو، قاضي محمد بن ابي شوراب جو مدرسو، ابو العباس احمد بن صالح بن تميمي جو مدرسو، احمد بن محمد قاضي منصوري جو مدرسو ۽ قاضي ابو محمد جو مدرسو خاص اهميت رکن ٿا. قاضي ابو محمد جو مدرسو ان وقت جي علمي لحاظ کان گهڻو مشھور هو، جڏهن ابو محمد ’دائودي مذهبي مڪتب فڪر‘ جو امام هو. هن ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا. جن ۾: ابطال التقليه، ابطال القياس، الخصوص، والعموم، المفسر والمجمل شامل آهن.


لفظ قاضي ابو محمد جو مدرسوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو